مير رضا عدالتي ڪميشن جي ٽئين ٻڌڻي، احمد جو بيان قلمبند

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ مير رضا قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ عدالتي ڪميشن جي ٽئين ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران مقتول مير رضا جي بزنس پارٽنر احمد کان سوال جواب ڪيا ويا ۽ سندس بيان قلمبند ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران گذريل ٻڌڻي جي موقعي تي ڊاڪٽر اساما سان گڏ آيل ماڻهن طرفان صحافين سان بدتميزي جي شڪايت به عدالتي ڪميشن جي سربراهه جسٽس عمر سيال سان ڪئي وئي، شڪايت تي ڪارروائي ڪندي جسٽس عمر سيال ڊاڪٽر اساما کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ کيس 7 ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، ٻئي طرف ڪميشن مير رضا جي بزنس پارٽنر احمد جو بيان قلمبند ڪيو، احمد ڪميشن اڳيان پيش ٿي مير رضا سان پنهنجي لاڳاپن ۽ ڪاروباري معاملن بابت تفصيل ٻڌايا، جسٽس عمر سيال جي سوالن جا جواب ڏيندي احمد ٻڌايو ته هو ۽ مير رضا پهرين ڪلاس کان گڏ پڙهندا هئا، جڏهن ته ڪاليج ۾ به گڏ تعليم حاصل ڪئي، ان کان پوءِ 2020ع ۾ ٻنهي گڏجي ڪاروبار شروع ڪيو، اسان جون ٻه برانچون هيون ۽ ڪاروبار الحمدلله سٺو هلي رهيو هو، ٻنهي ڪاروبار مان 5،5 هزار رپيا وٺندا هئا، 28 جولاءِ واري ڏينهن بابت احمد ٻڌايو ته صبح 8 وڳي هو مير رضا جي گهر پهتا، اتي موجود سمورا ماڻهو سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي چيڪ ڪري رهيا هئا ۽ هو به ان عمل ۾ شامل ٿي ويو، احمد موجب مير رضا جي ڪمري ۾ سندس ڀاءُ، رازق، حيثم، مقتول جي ڀيڻ ۽ والده به موجود هئا، احمد ٻڌايو ته مير رضا هميشه گهر جي چاٻي پاڻ سان رکندو هو ته جيئن سندس والده کي ڪا تڪليف نه ٿئي، پر ان ڏينهن سندس سمورو سامان گهر ۾ ئي موجود هو، سگريٽن جي پيڪٽ ۾ چرس به رکيل هو، احمد وضاحت ڪئي ته مير رضا ڪجهه عرصو اڳ احسان بابت کيس سيڙپڪار طور ٻڌايو هو ۽ احسان 45 لک رپيا روڪ رقم ڏني هئي، ڪميشن جڏهن پڇيو ته اهي 45 لک رپيا ڪٿي ويا، ته احمد جواب ڏنو ته سموري رقم مير رضا پنهنجي گهر کڻي ويو هو.

You might also like