بي سي سي آءِ روهت شرما جي مستقبل جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان روهت شرما جي ون ڊي ٽيم ۾ جڳهه کي في الحال ڪو خطرو ناهي، جڏهن ته 2027ع واري ورلڊ ڪپ لاءِ سندس چونڊ بابت اڳڪٿيون جاري آهن.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي سيڪريٽري ديواجيت سائيڪيا چيو آهي ته روهت شرما شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي، تنهن ڪري سندس مستقبل بابت سوال ڇو اٿاريا پيا وڃن؟
هن خميس ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روهت هڙني ميچن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي، جڏهن ته گذريل ميچ ۾ هن 138 رنسون ٺاهيون، تنهن ڪري في الحال سندس مستقبل بابت اڳڪٿين کي هٿي ڏيڻ نٿو چاهيان.
بي سي سي آءِ سيڪريٽري چيو ته روهت شرما جي ون ڊي اسڪواڊ ۾ جاءِ بابت ڪو به بحث ناهي ٿيو، پر ٽيم جي مستقبل جي تياري ۽ ايندڙ سيريز بابت غور ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ڀارت جي ايندڙ سيريز افغانستان خلاف آهي، جنهن کانپوءِ ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز، نيوزيلينڊ خلاف اهم سيريز ۽ زمبابوي خلاف امڪاني آهي، جڏهن ته ان کانپوءِ آسٽريليا خلاف 5 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل بارڊر-گواسڪر ٽرافي پڻ شيڊيول آهي.
رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته سليڪٽرز 2027ع جي ورلڊ ڪپ لاءِ روهت شرما کي برقرار رکڻ ۾ دلچسپي نٿا رکن ۽ انگلينڊ خلاف جولاءِ ۾ لارڊز ۾ کيڏيل ون ڊي سندس آخري عالمي ميچ ٿي سگهي ٿي، پر بي سي سي آءِ واضح ڪيو ته روهت اڃا تائين ورلڊ ڪپ منصوبي جو حصو آهي.
ٻئي پاسي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وي وي ايس لڪشمڻ کي ڀارتي ٽيم ۾ نئين ذميواري ڏيڻ جون ڳالهيون پڻ سامهون آيون آهن ۽ ڪجهه رپورٽن ۾ کيس ڪرڪيٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، پر بي سي سي آءِ سيڪريٽري اهڙين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو.
ديواجيت سائيڪيا چيو ته اهڙن افواهن تي هو تبصرو نٿو ڪري ۽ لڪشمڻ بابت اهڙي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، نه ئي اهڙو ڪو ارادو آهي.
واضح رهي ته ٽيم جي جائزي واري اجلاس ۾ سينٽر آف ايڪسيلنس جي سربراهه وي وي ايس لڪشمڻ سان گڏ ٻنهي ڪپتانن شُڀمَن گِل ۽ شرياس اَئيَر پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير به موجود هو. چيف سليڪٽر اجيٽ اگرڪر اجلاس ۾ موجود نه هو.

 

You might also like