ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ روما مشتاق مٽو چيو آهي ته منهنجو تعلق پنجاب سان آهي ۽ مان پنجابي آهيان، پر پاڻ کي سنڌي به سڏايان ٿي، ڇو ته سنڌ سان منهنجو عشق وارو ناتو آهي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي ايم پي اي روما مشتاق مٽو سنڌ جي ورهاڱي يا نون صوبن جي قيام کي سختي سان رد ڪندي چيو ته سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي.