لنڊن (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي لارڊز ٽيسٽ ۾ انگلينڊ هٿان 194 رنسن جي شڪست کانپوءِ قومي ٽيم ۾ وڏين تبديلين واري فيصلي جو دفاع ڪندي چيو آهي ته رانديگر ڪارڪردگي نه ڏيکارين ته سندن متبادل آڻڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.
محسن نقوي چيو ته ٽيم جي چونڊ بابت هميشه تنقيد ٿيندي آهي، پر گذريل ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو درست نه هو، تنهن ڪري ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بهتري آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
پي سي بي چيئرمين چيو ته لارڊز ٽيسٽ کانپوءِ 7 رانديگرن کي واپس موڪلڻ ۽ هيڊ ڪوچ سرفراز احمد توڙي بالنگ ڪوچ عمر گل کي ذميوارين تان هٽائڻ جو مقصد رانديگرن کي هميشه لاءِ ٽيم کان ٻاهر ڪرڻ نه، پر سندن جاءِ تي متبادل آڻڻ آهي.
هن چيو ته هر ميچ اسان لاءِ اهم آهي ۽ جيڪڏهن ڪو رانديگر ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته سندس متبادل ڳولڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. سلمان آغا سٺو رانديگر آهي، پر ڪجهه سببن جي ڪري هو ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو، جنهن بابت ساڻس ڳالهه به ڪئي وئي آهي.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ختم ٿيڻ بابت بيان بازي مناسب ناهي، اڳوڻن رانديگرن کي به رانديگرن کي مايوس ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ غور ڪيو پيو وڃي ۽ اهڙا عنصر به آهن، جيڪي رڳو ڪارڪردگي تائين محدود ناهن.
هن چيو ته ون ڊي ۾ پاڪستان اٺين نمبر کان پنجين نمبر تي پهتو آهي، جڏهن ته نئين ڪوچنگ سيٽ اپ تحت 6 مان 4 سيريز کٽيون آهن.
ٽي ٽوئنٽي ۾ به ٽيم نائين کان ڇهين نمبر تي پهتي آهي ۽ ڪاميابي جي شرح 24 سيڪڙو کان وڌي 73 سيڪڙو ٿي آهي.
پي سي بي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت نميبيا يا آئرلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ ختم ناهن ٿيا ته پاڪستان ڪرڪيٽ به هڪ شڪست يا خراب دور سبب ختم نٿي ٿي سگهي.
واضح رهي ته پاڪستان هن وقت انگلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 2-0 تان پوئتي آهي ۽ ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل تي آخري نمبر تي موجود آهي.
ايجبسٽن ٽيسٽ 9 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي، جنهن ۾ پاڪستان جي نئين اسڪواڊ ۾ 7 رانديگر شامل ڪيا ويا آهن، جن مان 5 ان ڪيپڊ آهن.