هڪ بال لاءِ 101 ڪلوميٽر ڊوڙ! 14 ڪلاڪن کانپوءِ بالر بال ڪرائي دنيا کي دنگ ڪري ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ هڪ ڪلب ڪرڪيٽر عالمي رڪارڊ ٺاهڻ لاءِ 100 ڪلوميٽر کان وڌيڪ فاصلي تان ڊوڙي بال ڪرائي دنيا کي دنگ ڪري ڇڏيو.
سام بوڊوان نالي 22 ورهين جي ڪرڪيٽر لنڊن ۾ موجود لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ کان ڊوڙ شروع ڪئي ۽ سري ۾ پهچي بال ڪرائي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سام بوڊوان 62 ميل کان وڌيڪ فاصلو 14 ڪلاڪ 6 منٽن ۾ مڪمل ڪيو، جڏهن ته 30 آگسٽ تي بال ڪرائڻ کان اڳ هن ان کي 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين هٿ ۾ رکيو، ان دوران هن مڪمل وائيٽ ڪرڪيٽ يونيفارم پڻ پهريل هئي.
بال ڪرائڻ کانپوءِ به سام بوڊوان ڪرڪيٽ ميچ جو حصو رهيو ۽ ميچ مڪمل ڪئي.
هن پهريون بال پنهنجي والد کي ڪرايو، جنهن بال کي ڪور طرف کيڏيو، پر ڪا به رنس نه ٺهي.
سام بوڊوان جو چوڻ هو ته هو 7 ورهين جي عمر کان ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، پر ڊوڙ دوران بال هٿ ۾ رکڻ سندس لاءِ انتهائي ڏکيو هو. هن چيو ته ڊوڙ تمام سخت هئي ۽ سندس ڄنگهون جواب ڏئي چڪيون هيون، پر ان باوجود هن ڊوڙ مڪمل ڪري ورتي.
هن ڊوڙ جو مقصد عالمي رڪارڊ ٺاهڻ سان گڏ هڪ خيراتي اداري لاءِ 6 هزار پائونڊ کان وڌيڪ رقم گڏ ڪرڻ پڻ هو.
سام بوڊوان اڌ رات کان اڳ اتر لنڊن جي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ کان ڊوڙ شروع ڪئي ۽ ووڪنگ ڀرسان ويلي اينڊ ڪرڪيٽ ڪلب پهچي بال ڪرائي. مجموعي طور هن 101.38 ڪلوميٽر فاصلو طئي ڪيو.
ڊوڙ منجهند 2 وڳي ختم ٿي، جنهن کانپوءِ هو وڌيڪ 20 اوورن تائين ميچ ۾ شامل رهيو. ميچ دوران هن 2 ڇڪا پڻ هنيا، پر سندس ٽيم کي هڪ رنس تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
سام بوڊوان موجب، سندس هدف 100 ڪلوميٽر فاصلو طئي ڪرڻ هو، پر هن ڄاڻي واڻي ڊگهو رستو چونڊيو ته جيئن ڪنهن سبب جي ڪري هدف حاصل ڪرڻ کان رهجي نه وڃي.
گينيز ورلڊ رڪارڊ موجب، هن وقت اهو اعزاز هڪ اهڙي شخص وٽ آهي، جنهن آگسٽ 2024ع ۾ 15 ميل ڊوڙي بال ڪرائي هئي، سام بوڊوان جي رڪارڊ بابت تصديق جو عمل جاري آهي، جنهن کانپوءِ باضابطا طور رڪارڊ جي تصديق ڪئي ويندي.

You might also like