سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪندڙ کي طعنن بدران شاباشي ڏيو: مهر ڊٻائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)شاعر مهر ڊٻائي چيو آهي ته ڌڪ دشمن جو به مڃڻ گهرجي.
فيس بڪ تي هڪ پوسٽ ۾ هن لکيو ته ”لکين نظرياتي اختلاف هجن، پر جيڪڏهن اسيمبلي ۾ ڪو به ميمبر صاف لفظن ۾ يونٽن يا صوبن جي صورت ۾ سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪري ٿو ته کيس شاباس ڏيڻ گهرجي نه ڪي سندس اهڙي چڱي عمل تي ٻين غلط عملن جا طعنا ڏئي کيس مايوس ڪيو وڃي.“
مهر ڊٻائي وڌيڪ چيو ته سنڌ ماءُ آهي، ۽ نافرمان پٽ به جيڪڏهن ماءُ جي پيرن تي ڪري پوي ته ماءُ کيس معاف ڪري ڇڏيندي آهي.

You might also like