وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ بلدياتي نظام آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ مقامي حڪومتن جي نظام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، اسلام آباد ۾ مقامي حڪومتن بابت بل منظوري لاءِ سڀاڻي سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽنڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جو مقامي حڪومتن وارو نظام 3 تڪن تي ٻڌل هوندو، جڏهن ته ڪائونسل جي ميمبرن ۾ جنرل ڪائونسلر، عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي شامل هوندي.
اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽان منظوري ملڻ کانپوءِ بل منظوري لاءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.

You might also like