صوبائي اسيمبليون ۽ پارليامينٽ چاهينديون ته نوان صوبا ٺهي ويندا: اعظم نذير تارڙ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته صوبائي اسيمبليون ۽ پارليامينٽ چاهينديون ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان نوان صوبا به ٺهي ويندا.
لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سڀ کان وڏو مسئلو چونڊون ڪرائڻ هو، جتي چونڊون پرامن ۽ شفاف نموني ٿيون.
صوبن بابت ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ جڏهن صوبائي اسيمبليون ۽ پارليامينٽ چاهينديون ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان نوان صوبا به ٺهي ويندا.
هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چونڊڻ جو حق نواز شريف وٽ هو.

You might also like