”حمل ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب ضائع ٿيو هو“فريال گوهر جي تشدد وارن الزامن تي جمال شاهه جو ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اڳوڻي اداڪار جمال شاهه پنهنجي اڳوڻي گهرواري اداڪارا فريال گوهر طرفان لڳايل گهريلو تشدد جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
جمال شاهه ايڪس تي ڪيترين ئي پوسٽن ذريعي فريال گوهر جي دعوائن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته فريال گوهر جو حمل تشدد سبب نه، پر ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب ضايع ٿيو هو.
جمال شاهه پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته سندس ۽ فريال گوهر جي شادي 1984ع ۾ ٿي، 1985ع ۾ ڪتي ڏاڙهڻ سبب حمل ضايع ٿيو، جڏهن ته 1986ع کان 1988ع تائين ٻئي سندس تعليم جي سلسلي ۾ لنڊن ۾ رهيا ۽ 1989ع ۾ ٻنهي جي طلاق ٿي وئي.
اڳوڻي اداڪار موجب، سندن شادي شده زندگي دوران گهريلو تشدد وارو ڪو معاملو نه هو ۽ نه ئي وڌيڪ ٻار ٿيڻ جو ڪو منصوبو هو، ڇاڪاڻ ته لنڊن ۾ رهائش دوران هنن ٻارن بابت ڪو منصوبو نه ٺاهيو هو.
هن چيو ته 2005ع ۾ هن ٻيهر شادي ڪئي ۽ سندس موجودا گهرواري تمام گهڻو خيال رکندڙ ، قابل ۽ ڏاهي آهي، جڏهن ته سندن ٽي خوبصورت ٻار آهن.
جمال شاهه چيو ته هو سادي زندگي گذاري ٿو، پر سندن گهرو ۽ گڏيل تعلق پرسڪون ۽ خوشگوار آهي.
هن چيو ته ڪو به ماڻهو سندس خاندان سان ملي ۽ گهريلو تشدد بابت، جيڪڏهن ڪو معاملو هجي ته، تصديق ڪري سگهي ٿو.
پنهنجي هڪ ٻي پوسٽ ۾ جمال شاهه چيو ته هن اڄ تائين ڪنهن به انٽرويو ۾ فريال گوهر بابت خراب ڳالهه ناهي ڪئي.
هن چيو ته ندا سندس ڌيئرن وانگر آهي ۽ جڏهن هن کيس پنهنجي پروگرام ۾ اچڻ لاءِ فون ڪيو هو ته ان وقت کيس اهو نه ٻڌايو ويو هو ته فريال گوهر به پروگرام ۾ هوندي.
جمال شاهه وڌيڪ چيو ته فريال گوهر سان سندس شادي 5 سالن تائين رهي، جنهن تي کيس نه ڪو پڇتاءُ آهي ۽ نه ئي ڪا تلخي.
سندس چوڻ هو ته ٻئي انتهائي مهذب انداز ۾ الڳ ٿيا ۽ ڊگهي عرصي تائين ميڊيا تي پنهنجي طلاق جو ذڪر به نه ڪيو.
هن هڪ ٻي پوسٽ ۾ واضح ڪيو ته هو اڳ ئي چئي چڪو آهي ته هن ڪڏهن به تشدد ناهي ڪيو، پر ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ”دوزخي پيٽ“ کي ڀرڻ لاءِ هو فضول ڳالهيون ڪڏهن به نه ڪندو.

You might also like