”چمڙي جي پَٽي سان ڪُٽيو ويندو هو، مارڪٽ سبب حمل ضايع ٿيو“ فريال گوهر شادي ختم ڪرڻ جو ڇرڪائيندڙ ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري سان واڳيل ماضي جي مشهور اداڪارا فريال گوهر پنهنجي 9 سالن جي شادي شده زندگي دوران پيش آيل تلخ واقعن بابت پهريون ڀيرو کلي ڳالهائيندي گهريلو تشدد جا الزام لڳايا آهن.
هڪ انٽرويو ۾ فريال گوهر چيو ته پاڪستان ۾ شادي شده عورتن خلاف گهريلو تشدد هڪ عام آهي، جيڪو عورت جي تعليم، خودمختياري يا سماجي حيثيت کان سواءِ ڪنهن کي به متاثر ڪري سگهي ٿو.
اداڪارا دعويٰ ڪئي ته ڪيتريون ئي عورتون گهرن جي چوديوارين اندر تشدد برداشت ڪن ٿيون ۽ پنهنجا زخم ٻين کان لڪائڻ تي مجبور ٿين ٿيون.
پنهنجي ذاتي تجربي بابت ڳالهائيندي فريال گوهر چيو ته کيس ننڍپڻ ۾ به تشدد کي منهن ڏيڻو پيو، پر هوءَ ان حوالي سان سمورا تفصيل سامهون آڻڻ نٿي چاهي.
هن دعويٰ ڪئي ته شادي کانپوءِ کيس ڪيترائي ڀيرا چمڙي جي بيلٽ سان تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته تشدد جي شدت سبب کيس حمل ضايع ٿيڻ جو به صدمو ڀوڳڻو پيو.
فريال گوهر موجب، سندس شادي 23 سالن جي عمر ۾ ٿي ۽ شروعات ۾ اهو رشتو سندس پنهنجي پسند سان قائم ٿيو هو، خاندان به ان رشتي تي خوش هو، جنهن جو هڪ سبب سندس مڙس جو سيد خاندان سان تعلق پڻ هو.
اداڪارا ٻڌايو ته تشدد جي نتيجي ۾ کيس پنهنجا زخم لڪائڻا پوندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن زخمي هجڻ سبب هوءَ ڪلاسن ۾ به وڃي نه سگهندي هئي.
هن چيو ته کيس شديد جسماني تڪليف سان گڏ گردن جي مسئلن کي به منهن ڏيڻو پيو، ڇاڪاڻ ته کيس چيلهه تي گوڏا هنيا ويندا هئا، ان دوران سندس سرجريون پڻ ٿيون.
فريال گوهر جو چوڻ هو ته کيس آزادي سان گهر کان ٻاهر نڪرڻ، ايستائين جو پنڌ ڪرڻ جي به اجازت نه هئي.
جڏهن ٻاهر وڃڻو پوندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن رڪشا ۾ سفر ڪندي هئي، جڏهن ته پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ سس جو برقعو پڻ پائڻو پوندو هو.
سندس چوڻ هو ته آخري ڀيرو جڏهن سندس حمل ضايع ٿيو ته پيٽ ۾ جاڙا ٻار هئا ۽ سندس وڏي خواهش هئي ته کيس جاڙا ٻار ٿين.
اداڪارا موجب، تشدد سبب حمل ضايع ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر کيس صلاح ڏني ته ٻيهر حمل ٿيڻ کان اڳ پنهنجي شادي جي صورتحال تي غور ڪري.
فريال گوهر چيو ته ان وقت هن شادي ختم ڪرڻ بابت سوچڻ شروع ڪيو.
فريال گوهر عورتن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي قدر کي سڃاڻن ۽ هاڃيڪار حالتن مان نڪرڻ جي جرئت ڪن.
هن چيو ته سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته انسان کي احساس ٿئي ته هو ان کان بهتر زندگي جو حقدار آهي ۽ پوءِ اهڙين حالتن مان ٻاهر نڪرڻ جي همت پيدا ڪري.
گهرن ۾ تشدد جي خاتمي لاءِ اداڪارا معاشري ۾ مردن جي تعليم ۽ تربيت تي پڻ زور ڏنو.
سندس چوڻ هو ته مردن کي صحتمند لاڳاپن، هڪ ٻئي جي حدن جي احترام ۽ تشدد کان پاسو ڪرڻ جي اهميت سمجهائڻ ضروري آهي.
فريال گوهر چيو ته گهريلو تشدد جو مقابلو رڳو خانداني سطح تي نٿو ڪري سگهجي، پر ان لاءِ سڄي معاشري ۾ روين ۽ سوچ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like