حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ قومي پارٽي (جسقپ) جي چيئرمين نواز خان زئور، سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي ڪراچي بابت ڏنل تجويز تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي سنڌ جي ورهاڱي جي سازش قرار ڏنو آهي.
پنهنجي بيان ۾ نواز خان زئور چيو ته هو ڊاڪٽر قادر مگسي کي هڪ سنجيده سياستدان سمجهي ٿو ، پر سنڌ جي وحدت سان لاڳاپيل معاملن تي تمام گهڻي ذميواري ۽ سياسي بصيرت سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته ڪراچي کي 12 ضلعن ۽ 3 ڊويزنن ۾ ورهائڻ جي تجويز سنڌ جي اندروني ورهاڱي چاهيندڙ بالادست قوتن جي جوازن جو ورجاءُ آهي.
جسقپ چيئرمين چيو ته سنڌ جو مقابلو لنڊن، استنبول يا دبئي سان نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اتان جا اختيار پنهنجن قومن وٽ آهن، جڏهن ته سنڌ جو سياسي اقتدار اعليٰ بالادست قوتن وٽ آهي.
نواز خان زئور چيو ته ڪراچي کي گهڻين ڊويزنن ۾ ورهائڻ جو جواز الڳ صوبي يا سڌي وفاقي ڪنٽرول لاءِ سنڌ دشمن قوتن کي فائدو ڏيندو.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌ اسان جو ناقابلِ تقسيم وطن آهي، ان ڪري نوان انتظامي يونٽ، نوان صوبا يا سڌي وفاقي ڪنٽرول جون سڀئي شڪلون رد ڪري سنڌ جي وحدت جو دفاع ڪيو وڃي.
”سنڌ ناقابلِ تقسيم وطن آهي“، نواز خان ڪراچي کي 12 ضلعن ۽ 3 ڊويزنن ۾ ورهائڻ واري قادر مگسي جي تجويز رد ڪري ڇڏي
You might also like