اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو عمران خان جي گهرڀاتين سان ملاقات ۽ پٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي جيل ۾ اڪيلائي ۾ رکڻ خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون آهن.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اهي درخواستون نصرت ڀٽو ۽ بيگم شميم آفريدي ڪيسن جي فيصلن جي روشنيءَ ۾ ٻڌڻي لاءِ منظور ڪيون. درخواستن بابت فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خادم حسين سومرو ٻڌايو.
عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان ۽ بشريٰ بي بي بابت مبشره خاور مانيڪا عدالت سان رابطو ڪيو هو.
عدالت اڊيالا جيل اختيارين کي بشريٰ بي بي سان عمران خان جي ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته عمران خان کي جيل قانونن موجب پنهنجي گهرڀاتين سان ملاقات ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو ويو.
عدالت چيو ته عمران خان کي سندس پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهائڻ جي سهولت پڻ ڏني وڃي.
فيصلي موجب، جيڪڏهن عمران خان جي آڊيو رڪارڊ ڪري ان جو غلط استعمال ڪيو ويو ته اها سهولت واپس وٺي سگهجي ٿي.
عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو ته اڳوڻي وزيراعظم کي روزاني بنياد تي اخبارون ۽ ڪتاب فراهم ڪيا وڃن، جڏهن ته جيل رولز موجب طبي سهولتون پڻ مهيا ڪيون وڃن.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي هدايت ڪئي ته بشريٰ بي بي کي پڻ اڪيلائي ۾ نه رکيو وڃي.
عدالت جيل اختيارين کان 15 ڏينهن اندر حڪمن تي عملدرآمد بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like