خراب حڪمراني يا ڪرپشن کي جواز بڻائي سنڌ ورهائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي: سعديه جاويد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت رٿ تي اڄ ٻئي ڏينهن به بحث جاري آهي.
سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو ته لوڪل گورنمينٽ سسٽم ۾ ضرورت موجب ترميمون ڪرڻ ۾ ڪو به حرج ناهي، پر خراب حڪمراني يا ڪرپشن کي جواز بڻائي صوبي جي ورهاست جي اجازت نه ڏني ويندي.
سنڌ جي ورهاڱي واري سوال تي پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو چيو ته، ”ٻروچ آهيان پر منهنجو مرڻ جيئڻ سنڌ سان آهي.“
ٻئي پاسي اسيمبلي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ اعجاز الحق چيو ته، ”سنڌي اسان جا ڀائر آهن، سنڌي اسان جا محسن آهن. توهان اسان کي ڇو ٿا وڙهائڻ چاهيو؟“
هن چيو ته، ”اسان ڪڏهن به سنڌي مخالف نٿا ٿي سگهون، اسان کي گنهگار نه بڻايو.“

 

You might also like