ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر ڪيون پيٽرسن پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم جي ميچ کان اڳ ٿيندڙ انٽرويوز تي ٺٺول ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي ڪيون پيٽرسن لکيو ته ”جڏهن ڪنهن ڪپتان جو هر ميچ کان اڳ انٽرويو ڪيو ويندو آهي ته انٽرويو ڪندڙ ٽيم ۾ تبديلين بابت سوال ڪندو آهي.“
هن بابر اعظم کي مخاطب ڪندي لکيو، ”ڇا منهنجي دوست بابر لاءِ اهو تمام ڊگهو انٽرويو ٿي سگهي ٿو؟ شايد ٽاس به هڪ رات اڳ ٿيڻ گهرجي؟“
ڪيون پيٽرسن جو اهو تبصرو بابر اعظم کان ميچ کان اڳ ٽيم جي چونڊ ۽ تبديلين بابت ٿيندڙ سوالن تي ٺٺول واري انداز ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن تي سوشل ميڊيا تي دلچسپ ردعمل سامهون اچي رهيا آهن.
واضح رهي ته لارڊز ٽيسٽ ۾ شڪست کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسڪواڊ ۾ شامل ستن رانديگرن کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته سندن جاءِ تي متبادل رانديگرن جا نالا پڻ ٻڌايا ويا آهن.
هڪ بيان ۾ پي سي بي چيو آهي ته محمد رضوان، امام الحق، سلمان آغا، علي عثمان، عامر جمال، اويس ظفر ۽ خرم شهزاد کي ٽيسٽ اسڪواڊ مان رليز ڪيو ويو آهي.
اسڪواڊ ۾ انهن ستن رانديگرن جي جاءِ تي صائم ايوب، عبدالله فضل، عرفات منهانس، عمران جونيئر، سعد بيگ، عمران رنڌاوا ۽ رضا الله کي شامل ڪيو ويو آهي.
پي سي بي موجب اهي ستئي رانديگر ٽئين ٽيسٽ کان اڳ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل ٿي ويندا.
ٽِين ٽيسٽ جي ٽاس هڪ رات اڳ ڪرائجو، ڇو ته بابر کان ٽيم تبديلين بابت سوال ٿيو ته انٽرويو ڊگهو ٿي ويندو: ڪيون پيٽرسن
You might also like