ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر باسط علي بابر اعظم جي ڪپتاني تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته بابر اعظم مضبوط ڪپتان ناهي.
هڪ بيان ۾ باسط علي چيو ته بابر اعظم ڪپتاني دوران ڪيترائي غلط فيصلا ڪيا، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ جي موجوده زوال جو هڪ اهم سبب بابر اعظم ۽ شاهين شاهه آفريدي وچ ۾ ڪپتاني واري معاملي تي پيدا ٿيل ڇڪتاڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته هو بابر اعظم جي ڪپتاني بابت پنهنجي راءِ رڳو انگلينڊ ۾ موجودا ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي قائم نٿو ڪري، پر بابر ماضيءَ ۾ به ڪيترائي غلط فيصلا ڪري چڪو آهي.
باسط علي موجب، ”بابر اعظم مضبوط ڪپتان ناهي. مان اها ڳالهه انگلينڊ ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي نٿو چوان، هن ڪيترائي غلط فيصلا ڪيا آهن.“
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ جي زوال جو بنيادي سبب بابر اعظم ۽ شاهين شاهه آفريدي وچ ۾ ڪپتاني جي معاملي تي پيدا ٿيل اختلاف آهن.