تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني فارس ۾ لارڪ ٻيٽ تي گذريل رات ٿيل آمريڪي حملي ۾ وڌيڪ هڪ زخمي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ شهيدن جو انگ 3 ٿي ويو آهي.
ان کان اڳ قشم ڪائونٽي جي گورنر، جنهن جي انتظامي دائري ۾ لارڪ ٻيٽ پڻ شامل آهي، ٻن ڄڻن جي مارجي وڃڻ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع ڏنو هو.
پاسدارانِ انقلاب پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته لارڪ ٻيٽ تي آمريڪي حملي جي نتيجي ۾ ”ڪيترائي ويڙهاڪ ۽ شهري شهيد يا زخمي ٿيا آهن.“
آمريڪا آچر جي شام اعلان ڪيو هو ته هن لارڪ ٻيٽ تي ايراني بارودي سرنگون وڇائڻ وارن ٻن نظامن کي نشانو بڻايو آهي.
ٻئي پاسي ايران جو چوڻ آهي ته هن جوابي ڪارروائي ڪندي اردن ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو آهي.
لارڪ ٻيٽ تي آمريڪي ڪارروائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن خليج فارس ۾ لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌين حملن ۾ وقفو آيو هو.