ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي مڱڻي ۽ شادي بابت هلندڙ خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سندس زندگيءَ ۾ اهڙو ڪو فيصلو ٿيو ته ان جو اعلان سندس خاندان ڪندو.
پنهنجي وڊيو بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته سوشل ميڊيا سندس رشتو ، مڱڻو ۽ شادي به ڪرائي ڇڏي آهي، پر اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو، نه ئي هو ڪنهن ”شهزادي گلوريا“ کي سڃاڻي ٿو.
هن چيو ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ اِهو تماشو اصل مسئلن تان عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پمز سانحي ۾ پاڪستان جي گادي واري شهر ۾ 14 ٻار فوت ٿيا، جڏهن ته هڪ وزير جيڪو پاڪستان جو ”گورباچوف“ بڻجڻ چاهي ٿو، اهو ملڪ جا 30 ٽڪرا ڪرڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته اهو وزير هڪ اسپتال سنڀالي نٿو سگهي ۽ لاهور جي واپارين کي چئي رهيو آهي ته صوبا ٺاهيو ۽ هلايو.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته اهو وزير اهڙي وقت ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جڏهن سنڌ اسيمبلي هن معاملي تي جرئتمنداڻو موقف اختيار ڪري رهي آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن کان خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري، بلاول جي امڪاني مڱڻي جي سلسلي ۾ آسٽريا جي هڪ خاندان سان ڳالهين لاءِ ويانا ۾ موجود آهن.
وائرل خبرن ۾ بلاول ڀٽو جي امڪاني ڪنوار کي آسٽريا جي اڳوڻي شاهي خاندان ”هائوس آف هيبسبرگ-لورين“ سان جوڙيو ويو هو، جڏهن ته ڪجهه رپورٽن ۾ کيس آسٽريا جي آخري شهنشاهه ڪارل اول جي ڪٽنب سان واڳيل قرار ڏنو ويو هو.
هڪ وزير پاڪستان جو ”گورباچوف“ بڻجڻ چاهي ٿو، سنڀالي هڪ اسپتال نٿو سگهي ۽ ملڪ جا 30 ٽڪرا ڪرڻ ٿو چاهي: بلاول ڀٽو
You might also like