ڪورنگي ۾ ايم ڪيو ايم جو راڄ هو، پر روڊ ۽ پلون پيپلز پارٽي ٺاهيون آهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪورنگي ۾ ايم ڪيو ايم جو راڄ هو، هاڻي مامون ۽ ڪڪڙ بڻجڻ جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي ڪم ٿيندو.
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ ڪورنگي نمبر 5 فلاءِ اوور جو افتتاح ڪيو.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شهر ۾ هاڻي ڪو به ڪڪڙ نه بڻجندو، مامو ۽ ڪڪڙ بڻجڻ وارو وقت ختم ٿي ويو آهي.
هاڻي ڪم جو وقت آهي ۽ اسان بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي ويزن تي ڪم ڪري رهيا آهيون.
مرتضيٰ وهاب چيو ته چيئرمين ۽ صدر هميشه اهو سوال پڇيو ته ماڻهن لاءِ ڪهڙو ڪم ڪيو پيو وڃي. ڪورنگي اهو علائقو آهي، جتي ايم ڪيو ايم جو راڄ هو، پر هن ضلعي ۾ پيپلز پارٽي هزارين روڊ ٺاهي ڏنا آهن.
هن چيو ته ڪورنگي ڪازوي، تاج حيدر فلاءِ اوور ۽ هاڻي ڪورنگي لانڍي فلاءِ اوور هتي ٺاهيو ويو آهي، ڪورنگي اڍائي نمبر برج ۽ عظيم پورا فلاءِ اوور پڻ ٺاهيا ويا آهن، جڏهن ته شاهراهه ڀٽو به پيپلز پارٽي تعمير ڪيو.
هن چيو ته ڪورنگي ۾ 2 ارب ۽ لانڍي ۾ 2 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، ٻيا صوبا آٽزم جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير 4 سال اڳ آٽزم سينٽر قائم ڪيو هو.
پيپلز پارٽي جو پيغام آهي ته ڪم ڪريو، ڇو ته عوام ڏسي رهي آهي، دلين کي ڳنڍڻ لاءِ روڊ به ٺاهڻو آهي، جڏهن ته ترقياتي ڪم پيپلز پارٽي جي سربراهي ۾ جاري رهندا.

 

You might also like