پمز سانحو رڳو هڪ اسپتال ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعو نه هو، پر ان واقعي اسان جي سموري انتظامي نظام، خاص طور تي اسپتالن ۽ سرڪاري ادارن ۾ فائر سيفٽي جي انتظامن بابت ڪيترائي اهم سوال اٿاري ڇڏيا آهن. اهڙا واقعا جڏهن انساني جانين جي نقصان جو سبب بڻجن ٿا ته انهن کي صرف هڪ حادثو قرار ڏئي اڳتي وڌي وڃڻ بدران انهن جي بنيادي سببن جو جائزو وٺڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ عملي قدم کڻڻ ضروري ٿي وڃي ٿو. پمز سانحي کان پوءِ سڀ کان وڏي تقاضا اها آهي ته ملڪ جي سمورن اسپتالن، سرڪاري ادارن، آفيسن ۽ انهن عمارتن جو فائر سيفٽي آڊٽ ڪرايو وڃي جتي روزانو سوين ۽ هزارين ماڻهو اچن ٿا.
رپورٽون آهن ته صوبائي حڪومتن طرفان اسپتالن جي انتظاميا کي فائر سيفٽي جي حوالي سان ضروري هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. جيڪڏهن واقعي اهڙيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اها هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، پر اصل امتحان انهن هدايتن تي عمل ڪرائڻ جو آهي. اسان وٽ حڪمن ۽ هدايتن جي کوٽ ڪڏهن به نه رهي آهي؛ مسئلو انهن حڪمن جي عملي نفاذ، نگراني ۽ احتساب جو آهي. جيڪڏهن اسپتالن کي فائر سيفٽي انتظام مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ان سان گڏ هر اسپتال کان باقاعده ڪليئرنس رپورٽ وٺڻ، ان جي تصديق ڪرڻ ۽ غير محفوظ عمارتن خلاف فوري قدم کڻڻ پڻ ضروري آهي.
اسپتالون اهڙيون جڳهيون آهن جتي فائر سيفٽي جي اهميت ٻين عمارتن کان به وڌيڪ آهي. اسپتال ۾ معذور، بزرگ،عورتون ٻار ۽ اهڙا مريض پڻ موجود هوندا آهن جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جي قابل نه هوندا آهن. ڪيترائي مريض بستري تائين محدود هوندا آهن، ڪجهه آڪسيجن تي هوندا آهن ۽ ڪجهه کي طبي سامان کان الڳ ڪرڻ به ڏکيو هوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن باهه لڳي وڃي ته انهن ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ هڪ انتهائي پيچيده ڪم بڻجي سگهي ٿو. تنهن ڪري اسپتالن ۾ فائر سيفٽي کي معمولي انتظامي معاملو سمجهڻ وڏي غفلت هوندي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر اسپتال جي عمارت جو مڪمل فائر سيفٽي آڊٽ ڪرايو وڃي. ان آڊٽ ۾ صرف فائر ايڪسٽنگوشر موجود هجڻ کي ڪافي نه سمجهيو وڃي، پر اهو به ڏٺو وڃي ته اهي ڪم ڪندڙ حالت ۾ آهن يا نه، انهن جي مقرر وقت تي سروسنگ ٿي رهي آهي يا نه، ايمرجنسي ايگزٽ موجود آهن يا نه، انهن رستن تي ڪنهن قسم جي رڪاوٽ ته ناهي، فائر الارم ۽ اسموڪ ڊٽيڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن يا نه، ايمرجنسي لائٽنگ موجود آهي يا نه ۽ باهه لڳڻ جي صورت ۾ عمارت مان ماڻهن جي محفوظ ۽ تيز نيڪالي لاءِ مناسب انتظام موجود آهن يا نه.
ان سان گڏ اسپتال جي عملي کي فائر ايمرجنسي بابت باقاعده تربيت ڏيڻ پڻ لازمي هجڻ گهرجي. صرف اوزار لڳائڻ سان فائر سيفٽي مڪمل نٿي ٿئي. عملي کي خبر هجڻ گهرجي ته باهه لڳڻ جي صورت ۾ ڪهڙي رستي سان مريضن کي منتقل ڪرڻو آهي، ڪهڙي شخص جي ذميواري ڇا هوندي، فائر الارم ڪيئن فعال ڪرڻو آهي ۽ فائر فائٽنگ جي ادارن سان رابطو ڪيئن قائم ڪرڻو آهي. ان مقصد لاءِ وقت بوقت عملي مشقون يا ڊرلز ڪرائڻ گهرجن ته جيئن هنگامي صورتحال ۾ خوف ۽ افراتفري بدران منظم طريقي سان ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪري سگهجي.
فائر سيفٽي جو معاملو صرف اسپتالن تائين محدود نه هجڻ گهرجي. سرڪاري آفيسون، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، عدالتون، جيل، شاپنگ سينٽر، صنعتي ادارا ۽ اهي سمورا عوامي هنڌ جتي وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿين ٿا، انهن سڀني جو فائر سيفٽي آڊٽ ٿيڻ گهرجي. اسان وٽ ڪيترين ئي عمارتن ۾ هزارين ماڻهو روزانو ڪم ڪن ٿا، پر جيڪڏهن اوچتو باهه لڳي وڃي ته ماڻهن جي نڪرڻ لاءِ مناسب رستا، ايمرجنسي دروازا ۽ ٻيا بنيادي انتظام موجود آهن يا نه، ان جو نيئن سري سان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي مطلب ته حڪومتن کي هاڻي هڪ جامع فائر سيفٽي پاليسي جوڙڻ گهرجي، جنهن تحت سرڪاري ۽ نجي ادارن جي عمارتن لاءِ واضح معيار مقرر ڪيا وڃن. هر اداري کي مقرر مدت اندر فائر سيفٽي جي گهرجن تي عمل ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي ۽ ان کان پوءِ لاڳاپيل ماهر اداري طرفان ان جي تصديق ڪئي وڃي. صرف انتظاميا جي زباني دعويٰ يا ڪاغذي رپورٽ کي ڪليئرنس نه سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ ته فائر سيفٽي جو مقصد فائل مڪمل ڪرڻ نه، پر انساني جانين کي محفوظ بڻائڻ آهي.
ڪليئرنس رپورٽ جو نظام به شفاف هجڻ گهرجي. هر اسپتال يا اداري کان رپورٽ وٺڻ کان پوءِ ان جي اوچتو يا باقاعده بنياد تي ٻيهر چڪاس ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن عمارت کي ڪليئر قرار ڏنو ويو هجي پر عملي معائني دوران ان ۾ سنگين خاميون سامهون اچن ته لاڳاپيل ذميوارن کان به پڇاڻو ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن فائر سيفٽي سرٽيفڪيٽ صرف ڪاغذن تائين محدود رهيو ته اهڙو نظام ڪنهن به سانحي کي روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو.
فائر سيفٽي جي حوالي سان هڪ ٻيو اهم مسئلو عمارتن جي ڊزائن ۽ ايمرجنسي رستن جو آهي. ڪيترين ئي عمارتن ۾ بعد ۾ ڪيل غير ضروري اڏاوتن، سامان رکڻ يا ٻين سببن ڪري ايمرجنسي رستا متاثر ٿيندا آهن. اهڙين رڪاوٽن کي فوري طور ختم ڪرڻ گهرجي. ايمرجنسي ايگزٽ جا دروازا بند، تالا لڳل يا سامان سان ڍڪيل هجڻ نه گهرجن. جيڪڏهن ڪنهن عمارت ۾ هزارين ماڻهو موجود هجن ته باهه لڳڻ جي صورت ۾ هر سيڪنڊ اهميت رکي ٿو. اسپتالن ۾ خاص طور تي آءِ سي يو، آپريشن ٿيٽر، ايمرجنسي، ٻارن جي وارڊن ۽ انهن شعبن تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي جتي مريضن کي فوري طور منتقل ڪرڻ آسان نه هجي. انهن شعبن لاءِ الڳ ايمرجنسي پلان تيار ٿيڻ گهرجي. اسپتال انتظاميا کي عملي سان گڏ ريسڪيو ۽ فائر سروسز کي به ان پلان کان واقف رکڻ گهرجي ته جيئن هنگامي صورتحال ۾ ادارن جي وچ ۾ رابطو ۽ تعاون بهتر هجي.
پمز سانحي کان پوءِ حڪومتن وٽ هڪ اهم موقعو موجود آهي ته هو فائر سيفٽي بابت ملڪ ۾ هڪ نئون ۽ موثر نظام قائم ڪن. جيڪڏهن هن موقعي کي صرف ڪجهه سرڪاري حڪمن ۽ اجلاس تائين محدود رکيو ويو ته پوءِ ان سانحي مان گهربل سبق حاصل نه ٿيندو.