فيمينزم: جيئن ڏيکاريو وڃي پيو، تيئن ناهي

بختاور منصور

فيمينزم جو نالو ٻڌندي ئي اسان جي سماج ۾ ڪيترن ئي ذهنن ۾ هڪ مخصوص تصوير اڀري ٿي هڪ اهڙي عورت جي، جيڪا پنهنجي مرضيءَ جا ڪپڙا پائي ٿي، پنهنجي مرضيءَ سان گهر کان ٻاهر نڪري ٿي، مردن سان آزادانه تعلقات رکي ٿي ۽ سماج جي روايتي قدرن کي رد ڪري ٿي. پر سوال اهو آهي ته ڇا فيمينزم واقعي ايترو ئي آهي؟ يا وري فيمينزم جي هڪ اهڙي تصوير اسان جي سامهون ٺاهي وئي آهي، جيڪا ان جي اصل فڪر کان گهڻو پري آهي؟

فيمينزم جو بنيادي سوال عورت جي لباس کان وڌيڪ عورت جي وجود بابت آهي. فيمينزم اهو سوال آهي ته عورت کي جيئڻ جو حق ڪيترو آهي؟ ڇا هن کي پنهنجي زندگي بابت فيصلا ڪرڻ جو حق آهي؟ ڇا هن جي ڳالهه ٻڌڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي؟ ڇا هوءَ پنهنجي راءِ اختلاف رکندي به بيان ڪري سگهي ٿي؟ ڇا هوءَ تعليم، روزگار، قيادت ۽ ترقيءَ جي انهن ئي موقعن تائين پهچي سگهي ٿي، جيڪي مردن لاءِ موجود آهن؟ ڇا هوءَ خوف کان آزاد زندگي گذاري سگهي ٿي؟ ۽ سڀ کان اھم ته ڇا عورت کي صرف عورت هجڻ جي بنياد تي گهٽ انسان سمجهڻ بند ڪيو ويو آهي؟

اصل ۾ فيمينزم عورت کي مرد جي مقابلي ۾ طاقتور بڻائڻ جي تحريڪ نه آهي؛ اها عورت کي هڪ مڪمل انسان طور تسليم ڪرائڻ جي جدوجهد آهي. فيمينزم اهو نٿو چوي ته عورت کي مرد بڻجي وڃڻ گهرجي پراهو چوي ٿو ته عورت کي پنهنجي انسان هجڻ جا اهي سڀ حق ملڻ گهرجن، جيڪي مرد کي فطري طور مليل سمجهيا وڃن ٿا. عورت کي ڳالهائڻ جو حق هجي. عورت کي ٻڌڻ جو حق هجي. عورت کي اختلاف ڪرڻ جو حق هجي. عورت کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق هجي. عورت کي ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجي صلاحيت استعمال ڪرڻ جو حق هجي. عورت کي پنهنجي زندگي ۽ مستقبل بابت فيصلن ۾ سندس سگهاري آواز جي حيثيت حاصل هجي. عورت کي تشدد، هراساني، استحصال ۽ خوف کان محفوظ رهڻ جو حق هجي. ۽ جيڪڏهن هوءَ ڪنهن ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاري، ته ان آواز کي بغاوت جو نالو ڏئي دٻايو نه وڃي.

ھتي سوال اھو آھي ته فيمينزم کي لباس تائين محدود ڇو ڪيو ويو؟ اسان جي سماج ۾ فيمينزم بابت سڀ کان وڏي غلط فهمي اها آهي ته ان کي عورت جي لباس ۽ ظاهري آزاديءَ سان ڳنڍيو وڃي ٿو. ڄڻ ته فيمينزم جو مطلب ئي رڳو اهو هجي ته عورت ڇا پائي ٿي، ڪٿي وڃي ٿي، ڪنهن سان ملي ٿي يا پنهنجي ذات کي ڪيئن پيش ڪري ٿي.

حقيقت ۾ عورت جو لباس فيمينزم جو مرڪز ناهي. هڪ عورت پردو ڪري ٿي ۽ پوءِ به فيمينسٽ ٿي سگهي ٿي. هڪ عورت جديد لباس پائي ٿي ۽ پوءِ به ضروري ناهي ته هوءَ فيمينسٽ هجي. ڇو ته فيمينزم جو تعلق ڪپڙي جي ڊيگهه يا جسم جي نمائش سان نه، اختيار، برابري ۽ انساني وقار سان آهي. جيڪڏهن هڪ عورت کي پنهنجي مرضيءَ جا ڪپڙا پائڻ جي آزادي هجي، پر کيس پنهنجي تعليم جي حاصلات بابت فيصلي جي آزادي نه هجي، ته اها ڪهڙي آزادي ٿي؟ جيڪڏهن هوءَ ٻاهر وڃڻ لاءِ پنهنجي مرضيءَ جا ڪپڙا چونڊي سگهي، پر گهر اندر پنهنجي راءِ ڏيڻ کان ڊڄي، ته اها ڪهڙي آزادي چئبي؟ جيڪڏهن هوءَ پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي رکي سگهي، پر پنهنجي آفيس يا ڪم ڪرڻ واري ماحول ۾ٿيندڙ هراساني خلاف آواز نٿي اٿاري سگهي، ته اها ڪهڙي آزادي ھوندي؟

۽ جيڪڏهن هڪ عورت کي محبت جي باري ۾ ڳالهائڻ جي اجازت هجي، پر کيس پنهنجي شادي، تعليم، ڪيريئر يا زندگيءَ بابت فيصلو ڪرڻ جو حق نه هجي، ته پوءِ اسان ڪهڙي آزاديءَ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون؟

عورت جي آزادي جو مطلب عورت جي حفاظت به آهي فيمينزم جي ڳالهه صرف ان وقت نٿي ٿئي، جڏهن عورت گهر کان ٻاهر نڪري ٿي. ان جي اصل آزمائش ته اتي به آهي، جتي سماج عورت کي سڀ کان وڌيڪ محفوظ سمجهي ٿو؛ گهر جي چئو ديواريءَ اندر.

اسان جي سماج ۾ ڪيتريون ئي عورتون اهڙيون آهن، جن لاءِ خطرو ڪنهن اجنبي کان نه، پر پنهنجي ئي خاندان مان پيدا ٿئي ٿو. ڪڏهن مڙس، ڪڏهن پيءُ، ڪڏهن ڀاءُ، ڪڏهن ڪو ٻيو مائٽ؛ يعني اهي ئي رشتا، جن کان تحفظ جي اميد هوندي آهي، سي ئي عورت لاءِ خوف جو سبب بڻجي سگهن ٿا. گهريلو تشدد، جبري شاديون، غيرت جي نالي تي قتل، جسماني ۽ ذهني تشدد، معاشي ڪنٽرول ۽ عورت کي سندس مرضيءَ خلاف زندگي گذارڻ تي مجبور ڪرڻ، اهي گهر جا ذاتي معاملا ناهن، اهي انساني حقن جا مسئلا آهن.

فيمينزم عورت کي اهو سمجهڻ جي طاقت ڏئي ٿو ته تشدد برداشت ڪرڻ سندس قسمت ناهي. زال هجڻ جو مطلب مڙس ھٿان مار کائڻ ناهي. ڌيءَ هجڻ جو مطلب پنهنجي مرضيءَ کان محروم ٿيڻ ناهي. ڀيڻ هجڻ جو مطلب پنهنجي زندگيءَ بابت فيصلو ڪرڻ جو حق وڃائڻ ناهي. ۽ ڪنهن خاندان جي ھٿ ٺوڪي عزت عورت جي زندگيءَ کان وڌيڪ قيمتي نٿي ٿي سگهي. هڪ عورت کي شاديءَ لاءِ ها چوڻ جو جيترو حق آهي، اوترو ئي نه چوڻ جو به حق آهي. ڇو ته شادي ٻن انسانن جي رضامنديءَ سان قائم ٿيندڙ رشتو آهي؛ صرف خاندانن جي مرضيءَ مطابق کنيل فيصلو نه. فيمينزم گهر کي ٽوڙڻ نه پر رشتن کي صحتمند بڻائڻ چاهي ٿو

فيمينزم بابت هڪ ٻيو عام الزام اهو آهي ته ھي خاندان جي خلاف آهي. پر جيڪڏهن خاندان جو مطلب اهڙو رشتو آهي، جتي عورت کي عزت ملي، سندس ڳالهه ٻڌي وڃي، فيصلا گڏجي ڪيا وڃن، تشدد کي محبت جو نالو نه ڏنو وڃي ۽ ڪنهن فرد کي ٻئي فرد تي طاقت يا خوف استعمال ڪرڻ جو حق نه هجي، ته فيمينزم اهڙي خاندان کي ڪمزور نه، وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو.

محبت، جيڪا آزادي کسي وٺي، محبت ناهي؛ اها ملڪيت آهي. حفاظت، جيڪا آزادي ختم ڪري ڇڏي، حفاظت ناهي؛ اها نگراني ۽ ڪنٽرول آهي ۽ خاندان، جيڪو عزت جي نالي تي ڪنهن عورت جي زندگيءَ جو فيصلو سندس مرضيءَ کان سواءِ ڪري، اهو تحفظ جو نالو ته کڻي سگهي ٿو، پر انصاف جو نه. فيمينزم اهڙن رشتن کي چئلينج ڪري ٿو، جتي محبت جي جاءِ تي مالڪي، عزت جي جاءِ تي خوف ۽ رضامنديءَ جي جاءِ تي حڪم هجي. پدرشاهي ذهنيت فيمينزم کي ڪيئن پيش ڪري ٿي؟

پدرشاهي ذهنيت لاءِ ڪنهن به تبديليءَ کي ڪمزور ڪرڻ جو هڪ آسان طريقو اهو آهي ته ان جي اصل مقصد بدران ان جي هڪ سنسني خيز تصوير عوام اڳيان پيش ڪئي وڃي. فيمينزم سان به ائين ئي ٿيو. عورت جي برابريءَ جي ڳالهه کي عورت جي بي لغام آزادي بڻائي پيش ڪيو ويو. حقن جي ڳالهه کي مردن کان نفرت بڻايو ويو. خودمختياريءَ جي ڳالهه کي رشتن جي بي حد آزادي ۽ ڇڙواڳيءَ سان جوڙيو ويو.

عورت جي جسم تي سندس حق جي ڳالهه کي صرف لباس ۽ جسم جي نمائش تائين محدود ڪيو ويو.

نتيجو اهو نڪتو ته ڪيترن ئي ماڻهن وٽ فيمينزم جو مطلب ئي بغاوت، بي حيائي يا خاندان کان بغاوت بڻجي ويو. جڏهن ته فيمينزم جو اصل سوال گهڻو وڌيڪ بنيادي آهي: عورت کي انسان سمجهڻ ۾ اسان کي ايتري تڪليف ڇو ٿئي ٿي؟ فيمينزم مردن خلاف جنگ ناهي فيمينزم مٿان هڪ ٻيو عام الزام اهو آهي ته اها مردن خلاف تحريڪ آهي، جيڪو سراسر غلط آھي. برابري جو مطلب ڪنهن ٻئي جي حقن کي گهٽائڻ ناهي. جيڪڏهن عورت کي برابر تعليم ملي ٿي، ته ان سان مرد جي تعليم جو حق ختم نٿو ٿئي. جيڪڏهن عورت کي برابر اجورو ملي ٿو، ته ان سان مرد جي اجوري ۾ گهٽتائي ضروري ناهي. جيڪڏهن عورت کي قيادت جو موقعو ملي ٿو، ته ان جو مطلب مردن کي قيادت مان ڪڍڻ ناهي.

برابري جو مطلب آهي ته صنف ڪنهن انسان جي صلاحيت، عزت ۽ موقعن جي آخري حد نه بڻجي. ۽ صحتمند سماج ۾ مرد به فيمينزم کان خوفزدہ نه ٿيندو؛ ڇو ته اهڙو سماج مرد کي به ان پدرشاهي دٻاءَ کان آزاد ڪندو، جيڪو کيس هميشه طاقتور، بي احساس، ڪمائيندڙ ۽ نه روئندڙ انسان ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿو. فيمينزم مرد کي دشمن بڻائڻ بدران، مرد ۽ عورت ٻنهي کي برابر انسان سمجهڻ جو رستو کوليندڙ آهي.فيمينزم جو اثر صرف عورت تي نه، پوري سماج تي پوي ٿو

جڏهن هڪ عورت کي تعليم ملي ٿي، ته فائدو صرف هڪ عورت کي نه پر هڪ پوري خاندان کي ٿئي ٿو. جڏهن عورت معاشي طور خودمختيار ٿئي ٿي، ته سندس ٻارن جي تعليم، صحت ۽ مستقبل جا موقعا به بهتر ٿين ٿا.

جڏهن ڇوڪريءَ کي پنهنجي زندگيءَ بابت فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت ملي ٿي، ته جبري شادي ۽ استحصال جا امڪان گهٽجي سگهن ٿا. جڏهن گهريلو تشدد کي گهر جو معاملو سمجهڻ بدران سماجي ناانصافي سمجهيو ويندو، ته تشدد کي معمول بڻائڻ واري سوچ ڪمزور ٿيندي. جڏهن عورت کي پنهنجي ئي گهر ۾ تحفظ، عزت ۽ آواز ملي ٿو، ته ٻار به اهڙي ماحول ۾ پرورش وٺن ٿا، جتي محبت جو مطلب خوف، حڪم يا تشدد نه، پر احترام ۽ ذميواري هج ٿي. يعني فيمينزم جو مقصد صرف عورت کي آزاد ڪرڻ ناهي؛ اهو سماج کي وڌيڪ محفوظ، منصفاڻو ۽ انساني بڻائڻ جي ڪوشش آهي.

ڇو ته جيڪو سماج پنهنجي عورتن کي تحفظ نٿو ڏئي، اهو حقيقت ۾ پنهنجي ايندڙ نسلن کي به غير محفوظ بڻائي ٿو. سماج کي اھو سمجهڻ کپي ته فيمينزم عورت کي اهو نٿو سيکاري ته هوءَ هر روايت کي رد ڪري، پر کيس اهو حق ڏئي ٿو ته هوءَ سوچي، سوال ڪري ۽ چونڊڻ جو اختيار رکي. فيمينزم عورت کي اهو نٿو چوي ته هوءَ لازمي طور تي ڪنهن مخصوص طرز جو لباس پائي پر اهو چوي ٿو ته سندس لباس کي سندس انسانيت، عزت ۽ حقن جو ماپو نه بڻايو وڃي. فيمينزم عورت کي خاندان کان پري ڪرڻ جي ڳالهه نٿو ڪري پر اهو چوي ٿو ته خاندان ۾ به عورت جي عزت، راءِ ۽ وجود کي برابر اهميت ڏني وڃي.

فيمينزم جو مقصد عورت کي مرد کان مٿي رکڻ ناهي؛ مقصد اهو آهي ته عورت کي مرد کان هيٺ رکڻ واري سوچ ختم ٿئي. ڇو ته آخرڪار، عورت کي ڪنهن خاص لقب جي ضرورت ناهي ته هوءَ انسان هجي. هن کي صرف اهو حق گهرجي ته هوءَ جيئي بغير خوف جي. هوءَ ڳالهائي بغير خاموش ڪرائڻ جي. هوءَ ٻڌي وڃي بغير نظرانداز ٿيڻ جي. هوءَ اڳتي وڌي بغير جنس جي بنياد تي روڪجڻ جي. هوءَ محبت ڪري بغير پنهنجو زندگي وڃائڻ جي.  هوءَ نه چئي بغير سزا جي. هوءَ پنهنجي صلاحيت استعمال ڪري بغير اجازت جي محتاج ٿيڻ جي.

هوءَ پنهنجي شادي بابت فيصلو ڪري. هوءَ پنهنجي گهر ۾ محفوظ هجي. ۽ هوءَ پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ صرف هڪ ڪردار نه، پنهنجي زندگيءَ جي هڪ بااختيار انسان هجي.

شايد فيمينزم جي سڀ کان سادي تعريف اها ئي آهي: عورت کي عورت هجڻ جي سزا نه، ۽ انسان هجڻ جا مڪمل حق ملڻ گهرجن. ۽ جڏهن هڪ عورت کي جيئڻ، ڳالهائڻ، چونڊڻ، ڪم ڪرڻ، سکڻ، اڳتي وڌڻ ۽ محفوظ رهڻ جا حق ملن ٿا، ته ان جو فائدو صرف عورت تائين محدود نٿو رهي. ان سان خاندان وڌيڪ صحتمند ٿين ٿا. رشتا وڌيڪ متوازن ٿين ٿا. ٻار وڌيڪ محفوظ ماحول ۾ پرورش وٺن ٿا.  انھيءَ سان گڏ سماج ۾ تشدد، خوف، جبر ۽ اڻبرابريءَ جي جاءِ تي احترام، رضامندي، انصاف ۽ انساني وقار وڌڻ جا امڪان پيدا ٿين ٿا. سو فيمينزم لاءِ سوال اهو نه هجڻ گهرجي ته: عورت کي ڪهڙا ڪپڙا پائڻ جي آزادي گهرجي؟

اصل سوال اهو هجڻ گهرجي: عورت کي انسان طور ڪهڙا حق ملڻ گهرجن، ته جيئن هوءَ پنهنجي زندگي خوف کان سواءِ، عزت سان ۽ پنهنجي آواز سان گذاري سگهي؟ ڇو ته فيمينزم جي آخري منزل عورت کي مرد کان اڳتي وٺي وڃڻ ناهي پر منزل اها آهي ته عورت کي مرد جي برابر انسان سمجهيو وڃي.

You might also like