عورتن سان ڪرڪيٽ کيڏڻ جي مخالفت، اَنايا بنگر ماريزان ڪيپ کي ست سُريون ٻڌائي ڇڏيون

نئين دهلي/ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) اَنايا بنگر ڏکڻ آفريڪي آل رائونڊر ماريزان ڪيپ طرفان سندس ڪرڪيٽ ۾ واپسي تي ڪيل تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته سندس شموليت جي مخالفت ڪندڙن کي ” پاڻ کي درس ڏيڻ گهرجي“.
ماريزان ڪيپ ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان اَنايا کي عورتن جي مقابلي واري ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ رستو فراهم ڪرڻ واري فيصلي تي سخت تنقيد ڪندي ان کي ”صفا کِل جوڳو“ قرار ڏنو هو ۽ چيو هو ته کيس ”اهڙي اجازت نه ملڻ گهرجي“.
ماريزان ڪيپ جو ردعمل اَنايا طرفان ويجهڙ ۾ ڪيل اعلان کانپوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته ڪرڪيٽ آسٽريليا کيس آسٽريليا جي ڪنهن به رياست يا علائقي ۾ وومينز ڪميونٽي ۽ پريميئر ڪرڪيٽ ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
اَنايا اهو پڻ چيو هو ته هوءَ مارچ 2027ع کان ايلِٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي مقصد تحت تياري ڪري رهي آهي.
واضح رهي ته اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ سنجي بنگر جي ڌيءَ اَنايا هن سال مارچ ۾ جينڊر-افرمِنگ سرجري ڪرائي هئي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا کيس ”ايلِٽ ڪرڪيٽ ۾ ٽرانس جينڊر ۽ جينڊر ڊائورس رانديگرن جي شموليت“ واري پاليسي تحت ايلِٽ وومينز ڪرڪيٽ ڏانهن واپسي لاءِ رستو فراهم ڪيو آهي.
اَنايا هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ”مان آسٽريليا ۾ وومينز ڪرڪيٽ ڏانهن واپسي جي تياري ڪري رهي آهيان، جنهن جو مقصد مارچ 2027ع کان ايلِٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ آهي. اهو ڪو پاڻمرادو يا غير رسمي عمل نه هو.“
هن وڌيڪ چيو ته ”ڪرڪيٽ آسٽريليا وٽ عورتن جي راندين ۾ انصاف، مقابلي جي شفافيت ۽ شموليت وچ ۾ توازن قائم رکڻ لاءِ هڪ فريم ورڪ موجود آهي ۽ منهنجي معاملي تي ان ئي فريم ورڪ تحت غور ڪيو ويو آهي.“
اَنايا موجب، ڪرڪيٽ آسٽريليا وٽان مليل اجازت تحت مارچ 2027ع کان ايلِٽ وومينز ڪرڪيٽ لاءِ سندس اهليت لاڳو پاليسي جي گهرجن سان مشروط رهندي، جنهن ۾ ساڳئي وقت رت جي ٽيسٽ پڻ شامل آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن مارچ 2027ع ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ تصديق ڪري ٿي ته هوءَ گهربل ٽيسٽوسٽيرون معيار تي پورو لهي ٿي ته هوءَ ايلِٽ وومينز ڪرڪيٽ، جنهن ۾ وومينز بگ بيش ليگ جو رستو پڻ شامل آهي، لاءِ چونڊ جي اهل هوندي.
ان کانپوءِ ماريزان ڪيپ سوشل ميڊيا تي اَنايا کي وومينز بگ بيش ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ واري ڪرڪيٽ آسٽريليا جي فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي. هن پنهنجي انسٽاگرام هينڊل تي لکيو ته ”صفا کِل جوڳو، ائين نه ٿيڻ گهرجي“.
ماريزان ڪيپ ٽرانسجينڊر رانديگرن جي عورتن جي ڪرڪيٽ ۾ شموليت جي مخالفت ڪندي پنهنجو موقف ظاهر ڪيو.
سندس اهو موقف سامهون اچڻ کانپوءِ اَنايا جواب ڏيندي چيو ته سندس ڪرڪيٽ ۾ شموليت جي مخالفت ڪندڙن کي ”وڃي پاڻ کي درس ڏيڻ گهرجي“.
ياد رهي ته ماريزان ڪيپ پهرين مشهور عورت ڪرڪيٽر آهي، جنهن ڪرڪيٽ آسٽريليا جي هن فيصلي جي کليل مخالفت ڪئي آهي.

آءِ سي سي جا ضابطا ڪرڪيٽ آسٽريليا کان مختلف
جيتوڻيڪ ڪرڪيٽ آسٽريليا اَنايا کي عورتن جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏني آهي، پر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جا ضابطا مختلف آهن.
آءِ سي سي جي ضابطن تحت اهي ٽرانسجينڊر عورتون، جن مرداڻي بلوغت جو مرحلو گذاريو هجي، انٽرنيشنل وومينز ڪرڪيٽ ۾ حصو نٿيون وٺي سگهن.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ڊوميسٽڪ فريم ورڪ تحت اَنايا کي عورتن جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

 

You might also like