ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نوجوان واپاري مير رضا جي پراسرار حالتن ۾ فوت ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪندڙ جڊيشل ڪميشن واقعي واري هنڌ پهچندڙ ٻنهي پوليس اهلڪارن، لاش جناح اسپتال منتقل ڪندڙ ايڌي ڊرائيور ۽ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر اسامه کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته وڌيڪ ٻڌڻي پهرين سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمر سيال تي ٻڌل جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي جي شروعات تي جمعي ڏينهن مير رضا جو پيءُ، ماءُ ۽ ڀيڻ پيش ٿيا، جڏهن ته وڪيل جبران ناصر کي به ڪميشن آڏو طلب ڪيو ويو.
ياد رهي ته ڪراچي ۾ ”وافلڪس“ نالي ڪاروبار جو 25 ورهين جو شريڪ مالڪ مير رضا علي 28 جولاءِ تي پنهنجي گهران نڪتو هو، جنهن کانپوءِ سندس لاش پراسرار حالتن ۾ ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهر بلاڪ ون ۾ شاهي قلعي گرائونڊ ڀرسان جهنگ مان مليو هو.
ان کانپوءِ پوسٽ مارٽم جي طريقيڪار ۽ شروعاتي رپورٽ تي پڻ سوال اٿيا، جنهن کانپوءِ قبر کوٽي ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪيو ويو هو.
ڪارروائي دوران جبران ناصر ٻڌايو ته 19 آگسٽ تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ بابت ڳالهه ٿي هئي، پر ان وقت نئين جاچ ٽيم جوڙي وئي هئي، تنهن ڪري درخواست ڪئي وئي ته ان کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
هن الزام لڳايو ته اڳوڻي جاچ ٽيم مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي.
ڪميشن جي سربراهه جسٽس عمر سيال حڪم ڏنو ته سنڌ حڪومت کي چيو ويندو ته مير رضا ڪيس بابت ڄاڻ رکندڙ ماڻهن لاءِ اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرايو وڃي.
اهو اشتهار اردو، انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۾ شايع ڪيو وڃي ۽ معلومات فراهم ڪندڙ شخص لاءِ هڪ لک رپيا انعام مقرر ڪيو وڃي.
جسٽس عمر سيال سنڌ حڪومت کي پوليس آفيسرن ۽ ڊاڪٽرن جي فهرست، شاهدن جا بيان، ميڊيڪل رپورٽ ۽ اصل دستاويز ڪميشن آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.
جبران ناصر ڪميشن کي ٻڌايو ته 29 جولاءِ تي منجهند اٽڪل ڏيڍ وڳي سندس اصيل واقعي واري هنڌ پهتو هو.
وڪيل موجب، رات ساڍي يارهين وڳي کان منجهند ڏيڍ وڳي تائين ڪو به پوليس آفيسر اتي نه آيو، جڏهن ته سوا 12 وڳي ٻه پوليس اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا هئا.
جبران ناصر موجب، اهي ٻئي اهلڪار مير رضا جو لاش ڏسندڙ مقامي نرسري جي هڪ شخص جي اطلاع تي اتي پهتا هئا.
هن ٻڌايو ته مير رضا جو لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ايم ايل او ڊاڪٽر اسامه پوسٽ مارٽم ڪيو.
ڪميشن جي ڪارروائي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جبران ناصر فيروز آباد پوليس طرفان احتجاج ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي.
هن چيو ته 29 ڏينهن گذرڻ باوجود مير رضا جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جو پيڇو نه ٿي سگهيو آهي ۽ انصاف لاءِ احتجاج جاري رهندو.
جبران ناصر چيو ته مير رضا جي والدين لاءِ هو سندن پٽ هو ۽ انصاف جو مطالبو ڪندڙ نوجوانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
جبران ناصر موجب، جسٽس عمر سيال واضح ڪيو آهي ته جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي عوام لاءِ کليل رکي وئي آهي ته جيئن شفافيت برقرار رهي.
هن چيو ته ڪميشن اهو پڻ واضح ڪيو آهي ته ان جو ڪم حقيقتون ڄاڻڻ آهي، جاچ ڪرڻ نه، جڏهن ته جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ چالان عدالت ۾ جمع ڪرائڻ پوليس جي ذميواري آهي.
ٻئي طرف ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي احتجاج ۽ مبينا طور روڊ بلاڪ ڪرڻ جي الزام ۾ پوليس 20 نامزد ماڻهن سميت تقريبن 100 مظاهرين خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
فيروز آباد ٿاڻي ۾ داخل ايف آءِ آر موجب، واقعو 27 آگسٽ جي رات اٽڪل ساڍي 12 وڳي نرسري بس اسٽاپ ڀرسان پيش آيو، جتي لڳ ڀڳ 100 ماڻهن صدر کان ايئرپورٽ ويندڙ شاهراهه فيصل جي ٽريڪ کي مبينا طور بند ڪري ڇڏيو هو.
پوليس موجب، احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ لٺيون ۽ بئنر هئا، جڏهن ته هڪ بينر تي ”مير رضا علي جي قاتلن کي گرفتار ڪريو“ جو مطالبو لکيل هو، مظاهرين مبينا طور ايندڙ ويندڙ گاڏين کي به روڪي رهيا هئا.
ايف آءِ آر ۾ عدنان رضا، دانش رحمان، دانش رضا، فيضان مونٽا، حمزا خان، رضا حسن ثريا، علي زبير عرف زبيري، طلحه، علي ذوهيب، شهريار، سبطين، عمار، عبدالله، ضرار خالد، احمد، بلال خان، جميل، طلحه شيخ، بابر حميد ۽ شيخ طلحه بن ناصر کي نامزد ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته نامزد ماڻهن سان گڏ 75 کان 80 ٻيا اڻڄاتل جوابدار به موجود هئا.
پوليس اهلڪارن مظاهرين کي روڊ کولڻ ۽ ڇڙ وڇڙ ٿيڻ لاءِ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ايف آءِ آر موجب مظاهرين احتجاج ۽ نعريبازي جاري رکي.
پوليس موجب، ڪيس ۾ هنگامو ڪرڻ، غيرقانوني ميڙاڪي، سرڪاري اهلڪار جي ڪم ۾ رنڊڪ، رستو روڪڻ ۽ امن امان ۾ خلل وجهڻ جا الزام شامل ڪيا ويا آهن.
مير رضا ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، ٻن پوليس اهلڪارن، ايڌي ڊرائيور ۽ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر کي نوٽيس جاري
You might also like