بيجنگ (ويب ڊيسڪ چين ٻن اعليٰ ترين فوجي آفيسرن زانگ يوشيا ۽ ليوزينلي کي رياستي سينٽرل ملٽري ڪميشن ۾ سندن عهدن تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي.
چين جي سرڪاري ميڊيا موجب، اهو فيصلو نيشنل پيپلز ڪانگريس جي قائم مقام ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪيو ويو.
واضح رهي ته صدر شي جن پنگ جي ماتحت فوج جي ٻئي نمبر جي وڏي عهديدار ۽ سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين زانگ يوشيا، جيڪو چين جي پولٽ بيورو جو ميمبر پڻ آهي، ۽ ڪميشن جي جوائنٽ اسٽاف ڊپارٽمينٽ جي چيف آف اسٽاف ليوز ينلي خلاف هلندڙ سال جنوري ۾ جاچ جو اعلان ڪيو ويو هو.