27 سيپٽمبر تي ايڏا ماڻهو وينداسين جو گولي هلائڻ جو سوچي به سگهندا: سهيل آفريدي

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته عدالتي فيصلن تي عمل نه ٿيو ته عوام پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندا، 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ايتري وڏي انگ ۾ وينداسين، جو مخالف گولي هلائڻ بابت سوچي به نه سگهندا.

پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته 90 ڏينهن اندر ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن، جڏهن ته جميل چوڪ جو منصوبو به اڍائي مهينن کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو.

هن چيو ته صوبي ۾ 200 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته ترقي جو سفر هتي ختم نه ٿيندو، هي سال امن، ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو.

وڏي وزير چيو ته پنهنجي مقرر ڪيل هدف 129 ارب رپين کان وڌيڪ 150 ارب رپيا روينيو وصول ڪيو آهي، جڏهن ته 2026-27ع ۾ 200 ارب رپيا روينيو حاصل ڪرڻ جو هدف آهي.

هن الزام لڳايو ته عوامي مينڊيٽ کانسواءِ اقتدار ۾ ايندڙ حڪومتن کي عوام جي ڪا پرواهه ناهي. سندس چوڻ هو ته غلط پاليسين سبب خيبرپختونخوا هڪ ڀيرو ٻيهر رت ۾ وهنجي رهيو آهي.

سهيل آفريدي چيو ته عدالتي فيصلن تي عملدرآمد نه ٿيو ته عوام پاڻ فيصلو ڪندو، ۽ 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ايتري وڏي انگ ۾ پهچنداسين، جو حڪمران گولي هلائڻ بابت سوچي به نه سگهندا.

You might also like