ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان حڪومت 9 انتهائي گهربل عورت دهشتگردن بابت معلومات فراهم ڪرڻ تي انعام مقرر ڪري ڇڏيو.
ميڊيا معاملن بابت گهرو معاملن واري معاون وزير بابر يوسفزئي موجب گهربل عورت دهشتگردن بابت معلومات فراهم ڪندڙن کي 10 کان 15 لک رپين تائين انعام ڏنو ويندو.
بابر يوسفزئي ٻڌايو ته گهربل عورتن جي سڃاڻپ ۾ مدد ڪندڙ يا انهن بابت اطلاع ڏيندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ مڪمل طور ڳجهي رکي ويندي.
هن چيو ته گهربل عورتن جو تعلق گوادر، جيواڻي ۽ تربت سان آهي.
ميڊيا معاملن بابت گهرو معاملن واري معاون وزير موجب بلوچستان حڪومت انهن عورتن کي انتهائي گهربل قرار ڏيندي، سندن بابت معلومات فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.