وفاقي وزير جو ڪم اسپتال سنڀالڻ نه هجڻ گهرجي، 14 ٻارن جي مرڻ جو واقعو حادثو آهي: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پمز اسپتال ۾ 14 ٻارن جي فوتگين جو واقعو حادثو آهي، احتساب انهن کان شروع ٿيڻ گهرجي، اسان وٽ وسيلن جي کوٽ جو مسئلو به آهي.

خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته وزيراعظم سان فائر سيفٽي ۽ عملي جي تربيت سميت ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اسان وٽ وسيلن جي کوٽ جو مسئلو به آهي، جڏهن ته پمز اسپتال جو حادثو انتظامي يونٽن بابت اسان جي موقف جي به تصديق ڪري ٿو.

هن چيو ته پمز اسپتال ۾ 14 ٻارن جي فوتگي هڪ حادثو آهي، وزيراعظم يا وفاقي وزير جو ڪم اسپتال جي نگراني ڪرڻ نه هجڻ گهرجي.

ان کان اڳ وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال پمز اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته جيڪو به غلطيءَ جو ذميوار ثابت ٿيو، ان کي نه بخشيو ويندو.

وفاقي صحت واري وزير استعيفيٰ ڏيڻ بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو ته احتساب لاءِ سڀ کان پهريان پاڻ کي وزيراعظم آڏو پيش ڪيو آهي. وزيراعظم منهنجو باس آهي، هو جيڪو به فيصلو ڪندو، قبول ڪندس.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته ٻئي دروازي تي گارڊ جي 24 ڪلاڪ ڊيوٽي هوندي آهي، ان ئي دروازي تان نون ڄاول ٻارن جي چوري ٿيندي هئي. نڪرڻ واري رستي تي به گارڊ جي ڊيوٽي هوندي آهي ۽ اهي 24 ڪلاڪ اتي موجود هوندا آهن. ٻارن جي چوري جي واقعن سبب هڪ دروازي تي گارڊ مقرر ڪيو ويو هو.

ياد رهي ته اربع ڏينهن صبح اسلام آباد جي پمز اسپتال جي گائني وارڊ جي نرسري ۾ باهه لڳڻ سبب 14 نون ڄاول ٻار سڙي فوت ٿي ويا هئا.

ريسڪيو ذريعن موجب پمز اسپتال جي نرسري ۾ صبح 6 لڳي 45 منٽن تي ايئر ڪنڊيشنر جو ڪمپريسر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي.

اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ وقت نرسري ۾ 15 ٻار موجود هئا، جن مان ليڊي ڊاڪٽر رڳو  هڪ ٻار کي بچائي سگهي، جڏهن ته 14 ٻار فوت ٿي ويا.

اهو به ياد رهي ته بچايل ٻارڙي جي ماسي به واقعي جي اکين ڏٺي شاهد هئي جنهن انتظاميا جي ڪيترين ئي دعوائن کي رد ڪندي چيو هو ته سندس ڀاڻيجي کي هن پاڻ بچايو آهي جڏهن ته وارڊ ۾ ڪو به موجود نه هو.

عورت اهو به ٻڌايو ته اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر، عملو توڙي انتظاميا ڪنهن به مريض ڏانهن ڏسڻ بدران پاڻ ٻاهر ڀڃي رهيا هئا.

You might also like