ڪينسر دوران الرحمان سورت مونکي بچائڻ ۾ مددگار بڻي: نعمان اعجاز

پاڪستان جي سينيئر اداڪار نعمان اعجاز انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ڪينسر جي تشخيص ٿي هئي ۽ صحتياب ٿيڻ ۾ سورت الرحمٰن سندس تمام گهڻي مدد ڪئي.

سينيئر اداڪار تازو هڪ انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ بابت انڪشاف ڪيو.

اداڪار ٻڌايو ته 2024ع ۾ سندس ڪن ڀرسان ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي هئي. جنهن ڏينهن کيس ڪينسر جي خبر پئي، ان ڏينهن نماز دوران آسمان ڏانهن ڏسي هن چيو ته مون ڪڏهن به ڪنهن سان غلط يا خراب سلوڪ ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن جو حق کاڌو آهي.

هن چيو ته الله تعاليٰ انسان کي ڪنهن نه ڪنهن مقصد لاءِ دنيا ۾ موڪليندو آهي. مون الله کان دعا ڪئي ته جيڪڏهن منهنجي ضرورت آهي ته مون کي فوري طور پاڻ وٽ گهرائي وٺ، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي خاندان کي تڪليف ۾ ڏسڻ نٿو چاهيان.

نعمان اعجاز جو چوڻ هو ته مون الله کان دعا ڪئي ته مان اسپتالن جا چڪر نه ٿو لڳائڻ چاهيان ۽ ڪيموٿراپي جهڙي تڪليف ڏيندڙ مرحلي مان به نه ٿو گذرڻ چاهيان. ان ڪري مان هر رات گهڻو ڪجهه پڙهي ان اميد سان سمهندو هئس ته شايد صبح نه جاڳندس.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن ماڻهن کي منهنجي ڪينسر بابت خبر پئي ته منهنجو هڪ تمام سٺو دوست آهي، جنهن مون کي سورت الرحمٰن پڙهڻ لاءِ چيو. ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مان سورت الرحمٰن پڙهندو آهيان.

نعمان اعجاز چيو ته مون کي محسوس ٿئي ٿو ته مون کي بچائڻ ۾ سورت الرحمٰن جو تمام وڏو ڪردار آهي. ان کانپوءِ منهنجو ڪامياب آپريشن ٿيو ۽ ٽيومر ڪڍيو ويو.

هن ٻڌايو ته 23 جولاءِ 2024ع تي سندس پهرين ڪيموٿراپي شروع ٿيڻ واري هئي، پر 22 جولاءِ تي ڊاڪٽرن کيس گهرائي ٻڌايو ته کين جسم ۾ ڪينسر جي ڪا به نشاني نه ملي آهي، تنهنڪري ڪيموٿراپي جي ضرورت ناهي.

You might also like