ڊپريشن جا ناڪاري اثر رڳو مريض جي جذبن ۽ ذهني صحت تائين محدود ناهن رهندا، پر جسم به متاثر ٿيندو آهي.
ڊپريشن هڪ ڏکيو ذهني مرض آهي، جنهن ۾ مبتلا ماڻهو اڪثر اداس رهندا آهن، جڏهن ته هر وقت بي وسيءَ جو احساس به ٿي سگهي ٿو.
هر ماڻهو کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن اداسي يا ڪنهن صدمي سبب ڊپريشن جي علامتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
پر جيڪڏهن اهي علامتون 2 هفتن کان وڌيڪ عرصي تائين برقرار رهن ته اهو ڪنهن سنگين مسئلي ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
ڊپريشن سڀ کان عام ذهني مرضن مان هڪ آهي ۽ نوجوانن ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن جو هڪ اهم سبب هاڻي سامهون آيو آهي.
حقيقت ۾ سوشل ميڊيا جو گهڻو استعمال ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو وڌائي ٿو.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
سنسناٽي يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روزانو اڍائي ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت سوشل ميڊيا تي اسڪرولنگ ڪرڻ ۽ ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيڻ وچ ۾ تعلق موجود آهي.
تحقيق ۾ 18 کان 70 سالن جي عمر وارن هڪ لک 83 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کان ڪيل سروي جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو.
انهن ماڻهن کان مختلف موضوعن بابت 1318 سوال پڇيا ويا، ته جيئن ڊپريشن سميت ٻين طبي مسئلن جو جائزو وٺي سگهجي.
تحقيق ۾ مشين لرننگ ماڊل استعمال ڪري سوشل ميڊيا جي استعمال ۽ ڊپريشن وچ ۾ تعلق معلوم ڪيو ويو.
محققن معلوم ڪيو ته جيڪي ماڻهو روزانو اڍائي ڪلاڪ سوشل ميڊيا استعمال ڪن ٿا، انهن ۾ ڊپريشن جون علامتون وڌيڪ رپورٽ ٿيون.
محققن ٻڌايو ته حقيقي دنيا ۾ ماڻهن سان رابطي ۾ رهڻ ۽ سٺي ذهني صحت وچ ۾ تعلق موجود آهي.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته سوشل ميڊيا سان گڏ ٽيليويزن ڏسڻ يا ويب سرفنگ ڪرڻ سان به ڊپريشن جو خطرو وڌي سگهي ٿو.
سندن چوڻ هو ته شروعاتي دور ۾ سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهو انهن ئي ماڻهن سان رابطي ۾ رهندا هئا، جن کي هو سڃاڻندا هئا، پر هاڻي ماڻهو اتي اجنبي ماڻهن جو مواد ڏسندي پنهنجو وقت گذارين ٿا.
محققن موجب سوشل ميڊيا هڪ نشي وانگر آهي ۽ ان سان ذهني صحت کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
هنن چيو ته اها به حقيقت آهي ته ماڻهن لاءِ هاڻي سوشل ميڊيا جو مڪمل استعمال ڇڏي ڏيڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.
سندن مطابق جيڪڏهن سوشل ميڊيا جو استعمال احتياط سان ڪيو وڃي ته ڊپريشن کان بچڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.