اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پمز اسپتال انتظاميا ميٽرنٽي جا نوان ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
پمز اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رانا عمران سڪندر صحافين سان ڳالهائيندي ميٽرنٽي جا نوان ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي.
رانا عمران سڪندر جو چوڻ آهي ته گنجائش کان وڌيڪ مريض رکي نٿا سگهجن، نوان ڪيس نه وٺڻ جو اهو ئي سبب آهي.
پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر موجب ٻارن جي نرسري ۾ 15 بيڊ مڪمل طور سڙي ويا آهن. نرسري ۾ مجموعي طور 50 بيڊ هئا، جيڪي هاڻي گهٽجي 35 رهجي ويا آهن.
هن چيو ته ٻارن ۽ مريضن کي راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.
پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر موجب لاڳاپيل اسپتالن کي خط موڪليا ويا آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻارن کي پولي ڪلينڪ منتقل ڪيو ويو آهي.