لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت اسٽيج ڊرامن ۾ رقص جي نالي تي غيراخلاقي حرڪتن ۽ نامناسب اشارن خلاف ڪارروائي ڪندي 8 اداڪارائن تي هڪ مهيني لاءِ ٿيٽر ۾ پرفارمنس ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.
پنجاب جي سڌسماءَ ۽ ثقافت کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اها ڪارروائي پنجاب ڪائونسل آف دي آرٽس (پڪار) جي نگراني رپورٽن جي بنياد تي ڪئي وئي.
پڪار جي ڊائريڪٽر مغيث بن عزيز ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ اسٽيج ڊرامن جي نگراني جاري آهي ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
جن اداڪارائن تي هڪ مهيني لاءِ پابندي لڳائي وئي آهي، انهن ۾ ماهي راجپوت، حنا شيخ، ملائڪا شهزادي، مديحه خان، مهڪ نور، مانو ملتاني، رائمه مهر ۽ حسنه جٽ شامل آهن.
پنجاب جي سڌ سماءَ ۽ ثقافت کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب ڄاڻايل اداڪارائون پابندي واري عرصي دوران ٿيٽر ۾ پرفارمنس پيش نه ڪري سگهنديون.
نوٽيفڪيشن ۾ پابندي جو سبب اسٽيج ڊرامن دوران اداڪارائن پاران غيراخلاقي حرڪتون ۽ نامناسب اشارا ڪرڻ بابت مليل شڪايتون ڄاڻايون ويون آهن، جن کي جاچ دوران درست ثابت ڪيو ويو.
اها ڪارروائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن پنجاب ۾ اسٽيج ڊرامن جي معيار، سينسرشپ ۽ ٿيٽر ۾ اعتراض جوڳين پرفارمنسن بابت حڪومتي نگراني وڌائي پئي وڃي.
پنجاب حڪومت جي ترجمان ٻڌايو ته انهن قدمن جو مقصد اسٽيج ڊرامن ۾ اهڙي ناچ، بيهودين حرڪتن ۽ اشارن جي روڪٿام ڪرڻ آهي، جيڪي مقرر ڪيل ضابطن يا اخلاقي اصولن جي خلاف هجن.