سنڌ ۾ 8 مهينن اندر ارڙي وگهي 63، خناق 20 ۽ جهٽڪن سبب 5 ٻار فوت، خيرپور ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ ۾ 8 مهينن دوران ارڙي، خناق ۽ تشنج مطلب ته جهٽڪن جي بيماري سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ جي رپورٽ سامهون اچي وئي.

تفصيل موجب ارڙي جا 3 هزار 123 ڪيس ۽ 53 وبائي پکڙجڻ جا واقعا سامهون آيا. هلندڙ سال جي شروعاتي 8 مهينن دوران ارڙي سبب 63، ڊفٿيريا سبب 20 ۽ تشنج سبب 5 ٻارن جي فوت ٿيڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا.

ارڙي جا 3 هزار 123 تصديق ٿيل ڪيس، ڊفٿيريا/خناق جا 57 جڏهن ته تشنج جا 20 ڪيس رپورٽ ٿيا. ان عرصي دوران صوبي جي 15 ضلعن ۾ ارڙي جي 53 وبائي پکڙجڻ وارن واقعن جي پڻ تصديق ٿي.

سنڌ جي صحت کاتي ۽ عالمي صحت واري اداري کان حاصل ڪيل انگن اکرن موجب 4 جنوري کان 8 آگسٽ 2026ع تائين صوبي ۾ ارڙي جا 8 هزار 32 شڪي ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 3 هزار 123 ڪيسن جي تصديق ٿي.

ٻارن جي فوتگين جي انگ ۾ خيرپور سڀ کان اڳتي رهيو، جڏهن ته دادو ۽ لاڙڪاڻو ٻئي، ڪراچي اوڀر، سکر ۽ ٺٽو ٽئين، بدين ۽ شڪارپور چوٿين ۽ مٽياري پنجين نمبر تي رهيو.

ارڙي جي تصديق ٿيل ڪيسن مان 55 سيڪڙو ٻارن کي 9 مهينا يا ان کان وڌيڪ عمر هجڻ باوجود ارڙي کان بچاءَ واري ويڪسين جي هڪ به خوراڪ نه ملي هئي.

انگن اکرن موجب ارڙي جي مهم دوران ڊي ايڇ اوز طرفان 100 سيڪڙو ڪارڪردگيءَ جي ڪيل دعوائن جي آزاداڻي جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like