سنڌ ورهائڻ جي سازش، ايم ڪيو ايم جو ڪارڪنن کي نوان يونٽ ٺاهڻ بابت سوشل ميڊيا مهم تيز ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪارڪنن کي سوشل ميڊيا ذريعي ملڪ ۾ نوان يونٽ ٺاهڻ لاءِ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ذريعن موجب، اها هدايت ايم ڪيو ايم مرڪز بهادرآباد سان لڳ پارڪ ۾ جنرل ورڪرز اجلاس دوران ڏني وئي، جنهن ۾ ڪراچي جي ذميوارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
اجلاس کي مصطفيٰ ڪمال، انيس قائمخاني سميت ٻين سينيئر اڳواڻن خطاب ڪيو.
ڪارڪنن کي هدايت ڪئي وئي ته عوامي رابطي واري مهم دوران نون انتظامي يونٽن جي قيام جي اهميت ۽ ضرورت بابت عوام کي آگاهي ڏني وڃي.
اجلاس ۾ چيو ويو ته عوام کي ٻڌايو وڃي ته اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي ئي مسئلن جو حل آهي.
رابطي واري مهم دوران اثرائتي طرز حڪمراني جي اهميت کي به اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
اجلاس دوران عوام جي مسئلن کي انهن جي وچ ۾ رهي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت پڻ ڏني وئي.

 

You might also like