ايپل جا نوان آءِ فون سيپٽمبر ۾ متعارف ڪرايا ويندا، پر هن سال جا ڊوائيس اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا ٿيڻ جو امڪان آهي.
بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب، ايپل طرفان آءِ فون 18 پرو سيريز جي اگهن ۾ واڌ ڪئي ويندي.
واضح رهي ته ايپل پاران سيپٽمبر ۾ آءِ فون 18 پرو، آءِ فون 18 پرو ميڪس ۽ ڪمپني جو پهريون فولڊ ايبل آءِ فون متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب، ايپل جا نوان فليگ شپ آءِ فون گذريل سال جي پرو ماڊلز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا هوندا.
ان کان اڳ گذريل سال ايپل آءِ فون 17 سيريز جي قيمتن ۾ واڌ کان پاسو ڪيو هو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايپل ٻين ڪمپنين طرفان فونز جي اگهن ۾ واڌ واري حڪمت عملي جو جائزو وٺي رهيو آهي.
ڪمپني طرفان ساڳي حڪمت عملي آءِ فون 18 پرو ماڊلز لاءِ اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن پرزن جي قيمتن ۾ واڌ جو بار واهپيدارن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي.
رپورٽ موجب، في الحال اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ايپل قيمتن ۾ ڪيتري واڌ ڪندو، پر امڪاني طور تي 100 ڊالر تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.
يعني آءِ فون 18 پرو جي شروعاتي قيمت 1099 ڊالرن بدران 1199 ڊالر ٿي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب، اگهن ۾ واڌ ريم ۽ ٻين چپس جي قيمتن ۾ اضافي سبب ڪئي ويندي.
آءِ فون 18 پرو سيريز سان گڏ ايپل طرفان هن سال معياري آءِ فون 18 ۽ آءِ فون 18 ايئر متعارف نه ڪرايا ويندا.
مختلف ليڪس موجب، اهي ٻئي فون 2027ع جي شروعات ۾ ڪنهن وقت متعارف ڪرايا ويندا.