ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولا سون جي اگهه ۾ اڄ به هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولا سون جي اگهه ۾ 4 هزار 200 رپيا واڌ کانپوءِ قيمت 4 لک 87 هزار 136 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 42 ڊالر واڌ سان 4 هزار 646 ڊالر ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته گذريل 2 ڏينهن دوران ملڪ ۾ سون جو تولو 10 هزار 900 رپيا مهانگو ٿيو آهي، جڏهن ته اڄ وڌيڪ 4 هزار 200 رپيا واڌ کانپوءِ 3 ڪاروباري ڏينهن دوران سون جي اگهه ۾ مجموعي طور 15 هزار 100 رپين جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
You might also like