ڪراچي(عوامي آواز نيوز)وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ارڙهين ترميم باوجود اختيار هيٺين سطح تي منتقل نه ڪيا ويا،منهنجي صوبي ۾ 18 سالن ۾ 22 هزار ارب رپيا آيا،وڏو وزير ڪنهن کي 22 رپيا ڏئي رهيو آهي ڪنهن کي 22 ارب ڏئي رهيو آهي،ڪو ميڪنزم ئي ناهي، ،اڄ توهان ڏسي رهيا آهيو ته دبئي ۾ پراپرٽين جا اگهه وڌي ويا آهن،اهي اگهه ائين ته نه وڌيا آهن،هڪ نجي ٽي جي نون صوبن بابت مذاڪري ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان مضبوط مڪاني نظام لاءِ وزيراعظم ۽ ن ليگ کي راضي ڪري ورتو هو پر پ پ آخري وقت ۾ هٿ ڇنڊي بيهي رهي ته: "جيڪڏهن اوهان ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي اختيار ڏيڻ واري 26هين ترميم شامل ڪندا ته اسان ڪنهن به شق تي ووٽ نه ڏينداسين،پ پ وارا پاڻي، سيوريج، گٽر جي لائينن جو، ڪچرو کڻڻ جو اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهن،سمورا اختيار وڏي وزير وٽ رکيل آهن،هن چيو ته احتساب ناهي، منهنجي شهر ۾ ٻار گٽرن ۾ڪري رهيا آهن، ڪراچي شهر کي دنيا جو بدترين شهر بڻايو ويو آهي، ان ڪري اسان ننڍن يونٽن جي ڳالهه ڪريو ٿا، اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته گوادر،ڪراچي کي وفاقي علائقا قرار ڏيڻ جي رٿا انتهائي تباهه ڪندڙ نظريو آهي، اوهان اختيار ۽ وسيلا عوام کان کسي ورتا آهن، ۽ اوهان چند خاندانن ۽ چند ادارن وٽ تمام طاقت ۽ اختيار ڏئي ويٺل آهيو،هن چيو ته بااختيار مڪاني نظام بابت جيستائين اوهان هڪ آئيني ترميم نٿا ڪريو،مسئلا حل نه ٿيندا، هن چيو ته پيپلز پارٽي نون صوبن ۽ مقامي حڪومتن ٻنهي شين جي مخالفت ڪري رهي آهي؛ بااختيار مقامي حڪومتن واري نظام جي مخالفت ان لاءِ ڪري رهيا آهن ته پيپلز پارٽي جو پنهنجو سڌو ۽ ان جي ليڊرن جو سياسي ۽ مالي مفاد شامل آهي، اهو ذاتي مئسلو آهي،هن چيو ته جيستائين صوبي جي ڳالهه آهي، اهو پيپلز پارٽي جو مسئلو ناهي. "مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون” پيپلز پارٽي جو نعرو ناهي، قوم پرست پارٽين جو نعرو ناهي، اهو سنڌ جي عوام جي دل جي آواز آهي! هن چيو ته اوهان کي پسند هجي يا نہ پسند هجي، اها حقيقت آهي. ڪراچي ۾ رهندڙ هر شهري چئي رهيو آهي ته ڀائي منهنجي گٽر جو ڍڪڻ ناهي، يونيورسٽي روڊ پنجن سالن کان بڻجي رهيو آهي، هو بڻجي نٿو ڏئي، مون کي پاڻي نٿو ملي، مون کي بجلي نٿي ملي، مون کي مئسلن جو حل گهرجي،ممبئي،شنگهائي،لنڊن ۽ نيويارڪ جا ميئر بااختيار آهن ۽ مسئلا حل ڪن ٿا، اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته مسئلو اهو آهي ته پ پ جي ناقص،نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمراني آهي اها نون صوبن جو بحث کڻي آئي آهي،ان ڪري ڪراچي ۽ پاڪستان ۾ اهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن،هن چيو ته ڪراچي آبادي جي لحاظ کان 38 سيڪڙو آهي،ان کي پاڻي جو ڏيڍ سيڪڙو حصو نٿو ملي،سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪرپشن جي سڀني کي خبر آهي،ڪراچي ڪچري جو ڍير بڻيل آهي،هن چيو ته پوري ملڪ جي هر ڊويزن کي ايڊمنسٽريٽو يونٽ بڻايو وڃي،تعليم،صحت،روڊ،پاڻي،لوڪل انتظاميا جي ذميواري هئڻ گهرجي، وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته صوبن جي بحث ۾ عوام جي مفاد کي ڏسڻ گهرجي،اهو مڙهيو نه ويندو،اها ڳالهه فضول آهي ته بلدياتي نظام مضبوط ڪريو ته نون صوبن جي ضرورت ناهي،اڳوڻي وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ اختيار صوبن کي مليا،20 سال ٿي ويا آهن،18هين ترميم کان ايئن ڏيکاريو ويو ته سياسي قوتن جي وڏي فتح ٿي آهي،ڏسڻ گهرجي ته ڇا 25 ڪروڙ عوام غربت مان نڪتا؟سينئر صحافي مظهر عباس چيو ته توهان ڪراچي کي بهتر نه بڻايو،توهان رڳو لياري کي ئي بهتر بڻائي ڇڏيو،اها پ پ جو ڳڙهه آهي،توهان ڪهڙي بنياد تي ڪراچي کي وفاقي علائقو قرار ڏيڻ چاهيو ٿا؟پ پ اڳواڻ سحر ڪامران چيو ته ڇا پارليامينٽ واقعي بااختيار آهي؟پنجاب ۾ نون صوبن بابت اڳ ئي هڪ قرارداد منظور ٿيل آهي،اينڪر محمد مالڪ چيو ته پارليامينٽ ميمبر پنهنجون پگهارون ۽ مراعتون وڌائڻ مهل ته وڏا بااختيار ٿي وڃن ٿا،