تاريخي ماڳ ڀنڀور تي قبضا،نيب جي ڪاررواين کانپوءِ لينڊ مافيا ۾ ٿرٿلو

ڌاٻيجي(رپورٽ: مقصود احمد جوکيو) سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور تي والار جو سلسلو رڪجي نه نيب پاران ڪاررواين کانپوءِ لينڊ مافيا ۾ ٿرٿلو مچي ويو. خوف ۾ ورتل مقامي رهواسي ميدان عمل تي اچي ويا. 2023 ۾ حڪومت  پاران ساجد هارون کي ڌاٻيجي سالٽ ورڪس پرائيوٽ لميٽيڊ کي 435 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جو نوٽيس جاري ٿيو. جنهن تي ليز سالٽ جي نالي تي ان زمين تي اقوا فوڊ نالي سان مڇين جا، جينگن جا فارم ٺاهي سوين ايڪڙ زمين تي مختلف ڪاروبار شروع ڪيا. نيب پاران ان زمين تي جڏهن جاچ شروع ٿي ته سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ٿيندڙ هر غير قانوني ليز تي پابندي مڙهي ڇڏي. جنهن کانپوءِ نيب ان زمين کي جعلي ليز قرار ڏيندي ڪارروائي تيز ڪري ڇڏي. نيب جي ڪارروائي کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سمري پڻ رد ڪري ڇڏي. جنهن کانپوءِ بااثرن ڌرين ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ياد رهي ته بااثر ماڻهن سنڌ جي تاريخي ماڳ جي سوين ايڪڙن تي قبضو ڪري ڏنو. انهن تي پڻ ڪاروبار ڪرڻ لڳا وقتن بوقتن علائقي واسي مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن قومپرست پارٽين جا ڪارڪنن احتجاج ڪندا رهيا. ان جي باوجود چونڊيل نمائندن جي ڪن تي جونء به سري جنهن سبب هي تاريخي ماڳ مڪمل طور تي سوڙهو ٿي ويو. جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت کانپوءِ ٺٽي ضلعي ۾ زمينن جو روينيو پاران رڪارڊ سڙڻ جو جواز ڄاڻائي هزارين ايڪڙ زمينن تي ڀڳڙن مٺ ترقي جي ٻاهرين ماڻهن جي حوالي ڪري وڏي پيماني تي ٿيل ڦرلٽ بعد هاڻي بااثر قبضا مافيا تاريخي ماڳن، مڪانن،  قبرستانن ۽ درگاھن جي ايراضين سميت جابلو ڀٺين کي بخش نه ڪيو. اڻ سروي ديھ جنگشاھي ۾ سمان دور جي قديمي آثار سم ناڙو مڪان ۾  قبرستان تي بااثرن طرفان قبضا ڪيا پيا وڃن، سرڪاري بلڊوزن جا ھزارين ايڪڙن تي آھن، جنھن ڪري قبرستان، آثارن ماڳن کي نقصان ٿي رھيو آھي، اھڙي قدم کانپوءِ تاريخ سان ھٿ چراند ٿي رھي آھي. جنگشاھي ديھ ۽ ھاليجي ديھ، ديھ جهمپير ۾ قديمي ماڳن، جابلو ڀٺين سميت مختلف قديمي درگاھن جي پلاٽن تي ٻيھر بااثر قبضاگيرن مافيا سرگرم ٿي قبضي جون ڪوششون جاري ڪري ڇڏيون آھن، تازو ديھ جنگشاھي جي مڪان سمن ناڙو ۽ ھاليجي تي بااثر قبضاگيرن پاران ھزارين ايڪڙ سرڪاري ايراضين تي سرعام بلڊوز ھلائي قديمي ماڳ کي نقصان پهچايو پيو وڃي، تاريخي قبرستان توڙي جابلو ڀٺين کي مسمار ڪيو پيو وڃي، ان کانسواءِ ٻيلي کاتي جي زمينن ۽ پلاٽن تي به قبضا ڪري اڏاوتون ڪيون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ مقامي ماڻھن جي سرڪاري زمينن، درگاھن ۽ تاريخي ماڳن، مڪانن کي ٿيندڙ نقصانن ۽ قبضي گيري واري عمل خلاف روينيو کاتي ٺٽي جي عملدارن کي شڪايتون ڪيون پر سرڪاري زمينن جا رکولا سرڪاري ايراضين جا محافظ ٿيڻ بدران قبضاگيرن جا سھولتڪار بڻجي ويا آھن، جنھن ڪري ھزارين ايڪڙ سرڪاري زمينن قبضاگيرن توڙي روينيو عملدارن لاءِ سوني جھرڪي بڻجي وئي آھي، ٺٽو جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪوھستان جي ھزارين ايڪڙن زمينن تي سرعام ڪاھ ڪري قبضا ڪري رھيا آھن. قبضا مافيا قبضا ڄمائڻ بعد ھيوي ڳري مشينري جي مدد سان قديمي مڪانن، ماڳن، قبرستانن کي مسمار ڪري ھڪ طرف تاريخ سان ھٿ چراند ڪري قيمتي معدنيات سنڌ جي سونهن جبلن ۾ سرنگ هڻي ڪري قيمتي پٿر ڪڍي ريتي بجري ڪڍي رھيا آھن ته ٻئي پاسي ھزارين ايڪڙ سرڪار زمين کي سرمائيدارن سان تين وال ڪيو پيو وڃي، جيڪا صورتحال مقامي آبادين لاءِ انتھائي حساس آھي، اھڙي ڏاڍ مڙسي خلاف مقامي ماڻهن جي شڪايت باوجود روينيو کاتو ٺٽو جا عملدار تدارڪ ڪرڻ بدران قبضا مافيا جا ساٿاري بڻيل آھن.

You might also like