پاڪستاني اداڪارا رمشا خان جي ڀيڻ عليشا خان جي شادي جون تقريبون سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن، پر سندس نڪاح جي تقريب هڪ منفرد سبب جي ڪري صارفين وچ ۾ بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي.
هي تقريب ڏينهن جي وقت منعقد ڪئي وئي ۽ نڪاح دوران روايتي ”قبول آهي“ چوڻ بدران انگريزي ٻوليءَ ۾ رضامندي جو اظهار ڪيو ويو.
وڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا جي ڪيترن ئي واهپيدارن ان انداز تي تنقيد ڪئي ۽ سوال اٿاريو ته پاڪستاني شادي ۾ نڪاح جي رسم انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇو ادا ڪئي وئي؟
ڪجهه صارفين روايتي ”قبول آهي“ کي وڌيڪ خوبصورت قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه ٻين تقريب جي انداز ۽ ڪنوار جي انگريزي لهجي تي به طنزيه تبصرا ڪيا.
ٻئي پاسي رمشا خان پنهنجي ڀيڻ جي شادي جي تقريبن دوران پاڻ کي وڏي حد تائين ميڊيا کان پري رکيو ۽ پنهنجي مڙس خوشحال خان سان گڏ تصويرون يا وڊيوز پڻ شيئر نه ڪيون.
واضح رهي ته عليشا خان جي شادي جي مختلف تقريبن جون تصويرون ۽ وڊيوز گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن.