پشاور(ويب ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هڪ فرد واحد جي ڪري فيصلا قبول نٿا ڪري سگهون، فوج کي سياست ۾ مداخلت جو ڪو حق ناهي، جڏهن ته ملڪ ۾ بدامني سبب حڪومت جي رٽ به ڪمزور ٿي رهي آهي. مان ادب ۽ احترام سان پنهنجي سپهه سالار کي عرض ڪرڻ چاهيان ٿو ته هو ان منصب جي حوالي سان ڪجهه رهنمائي حاصل ڪري، اسان کي پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.
پشاور ۾ جي يو آءِ جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته تازو قانون سازي آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جا اختيار ڪنهن هڪ شخص حوالي ڪرڻ قبول نه آهن.
هن چيو ته هو مضبوط دفاعي قوت جا حامي آهن، پر فوج جي سياست ۾ مداخلت کي رد ڪن ٿا. مولانا فضل الرحمان چيو ته معاشري ۾ انصاف فراهم ڪرڻ ضروري آهي، ظلم جي بنياد تي حڪمراني برقرار نٿي رهي سگهي.
مولانا فضل الرحمان ملڪ ۾ وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ حڪومت جي رٽ ختم ٿي رهي آهي ۽ پوليس جو ڪمانڊ سسٽم به ڪمزور ٿي ويو آهي. هن چيو ته بنون ۽ لڪي مروت ۾ پوليس آفيسرن جا حڪم به نظرانداز ڪيا پيا وڃن.
هن چيو ته فاٽا جي انضمام وقت به سندن خدشا هئا، جڏهن ته هاڻي صوبن کي ورهائڻ جون ڳالهيون به مناسب ناهن. موجوده صورتحال ۾ صوبن کي ٽوڙڻ ڪنهن به صورت درست ناهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ بدامني سنگين حد تائين وڌي وئي آهي، تنهنڪري حڪمرانن کي زميني حقيقتن کي سمجهڻ ۽ پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي.