سنڌ ڪابينا مير رضا واري واقعي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ ڪابينا مير رضا واري واقعي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب، سنڌ ڪابينا جي ميمبرن کان مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ واري فيصلي جي منظوري سرڪيوليشن ذريعي ورتي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مير رضا واري واقعي جي جاچ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس جج جي سربراهيءَ ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪميشن جي سربراهي لاءِ حاضر سروس جج نامزد ڪرڻ جي درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪئي ويندي.

ذريعن موجب، جوڊيشل ڪميشن سنڌ ٽربيونلز آف انڪوائري آرڊيننس 1969ع جي سيڪشن 3 تحت جوڙيو ويندو، جڏهن ته جاچ لاءِ ڪميشن جا ٽرمز آف ريفرنس پڻ منظور ڪيا ويا آهن.

You might also like