عمران خان جي اسپتال منتقلي وارو معاملو، پي ٽي آءِ حڪومت خلاف توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني سربراهه عمران خان جي اسپتال منتقلي واري معاملي تي حڪومت خلاف توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ طرفان سلمان اڪرم راجا ۽ عُزير ڀنڊاري طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي 18 آگسٽ 2026ع واري حڪم نامي جي مبينا ڀڃڪڙي تي توهينِ عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ توهينِ عدالت جي ذميوارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ ذاتي حاضري جو حڪم ڏيڻ جي استدعا پڻ ڪئي وئي آهي. عدالت کان جوابدارن کي توهينِ عدالت جو جو ذميوار قرار ڏئي قانون پٽاندر سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
پاڪستان تحريڪِ انصاف طرفان داخل درخواست ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ترت شفا انٽرنيشنل اسپتال اسلام آباد منتقل ڪرڻ ۽ سندس طبي معائنو ڪرائڻ جي استدعا به ڪئي وئي آهي.
عدالت کان اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته حڪم تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ عدالتي آفيسر مقرر ڪيو وڃي يا لوڪل ڪميشن جوڙي وڃي.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ عمران خان کي طبي معائني لاءِ شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا، جڏهن ته حڪومت طرفان عمران خان کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ سندس مڪمل طبي معائنو ڪرايو ويو، جنهن کانپوءِ کيس ٻيهر اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.

You might also like