ڀارت-اسرائيل اسٽريٽجڪ سهڪار، مڪي دفاعي معاهدي جي اهميت وڌي وئي: عالمي ميڊيا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور آمريڪي رسالي فارين پاليسي ان فوڪس (ايف پي آءِ ايف) مڪي گڏيل دفاعي معاهدي کي پاڪستان لاءِ اسٽريٽجڪ ڊيگهه، سفارتي اثر ۽ علائقائي توازن جو ذريعو قرار ڏئي ڇڏيو.
ايف پي آءِ ايف ۾ ڇپيل هڪ مضمون ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل دفاعي معاهدو تبديل ٿيندڙ وچ اوڀر ۾ علائقائي طاقتن جي وڌندڙ ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو.
مضمون موجب، آمريڪي صدر جي حمايت واشنگٽن ۾ پاڪستان جي برقرار سفارتي وزن جي علامت آهي، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي علائقي جي دفاع ۽ پائيدار امن ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي.
مڪي معاهدي کي ايران مخالف اتحاد قرار ڏيڻ درست ناهي، جڏهن ته وڌندڙ ڀارتي-اسرائيلي اسٽريٽجڪ سهڪار پاڪستان لاءِ معاهدي جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪري ٿو.
گڏيل دفاعي معاهدي ۾ ٻين علائقائي ملڪن لاءِ شموليت جو رستو کليل رکيو ويو آهي، معاهدي جي اصل طاقت ڪنهن سخت بلاڪ جي قيام بدران ان جي شمولياتي ۽ لچڪدار نوعيت ۾ آهي.

You might also like