ميڪئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 64 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جنهن کانپوءِ آسٽريليا ڏينهن جي پڄاڻي تي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 165 رنسون ٺاهي ورتيون.
آسٽريليا کي بنگلاديش خلاف 101 رنسن جي سرسي حاصل آهي. آسٽريليا 40 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 165 رنسون ٺاهيون، ڪئمرون گرين 51 ۽ نيٿن ليون 10 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
ان کان اڳ آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو صحيح ثابت ٿيو.
بنگلاديش جي اننگز ۾ تائيجُل اسلام 11، شريف الاسلام 14، مهدي حسن ميراز 11 ۽ حسن محمود 10 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته پنج بنگلاديشي بيٽر کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيا.
آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ تباهه ڪندڙ بالنگ ڪرائيندي 10 اوورن ۾ 12 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته پيٽ ڪمنز 3 ۽ جوش هيزل ووڊ هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ آسٽريليا طرفان ڪئمرون گرين 51، اسٽيون سمٿ 42 ۽ ٽريوس هيڊ 22 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جي شريف الاسلام آسٽريلوي بيٽرن کي گهڻي دير وڪيٽ تي جٽاءُ ڪرڻ نه ڏنو ۽ 6 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته مهدي حسن ميراز ۽ تسڪين احمد هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
ٻي ٽيسٽ: بنگالي ٽائيگرز 64 رنسن تي ڍير، اسٽارڪ جا 6 شڪار، ڪينگروز جون 8 وڪيٽن تي 165 رنسون
You might also like