صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه ڪفر ناهي، حالتن کان تنگ ٿي ماڻهو هٿيار کڻي جبلن تي هليا ويا آهن: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه ڪفر ناهي، طريقيڪار تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.
ايئرپورٽ سينٽرل گورنمينٽ ڊسپينسري کي اپ گريڊ ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي ڊسپينسري سيڪنڊري اسپتال بڻجڻ وڃي رهي آهي.
هي اسپتال 40 بسترن تي ٻڌل هوندي، جنهن ۾ سموريون سهولتون موجود هونديون، 66 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان اسپتال 4 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو، جڏهن ته اسپتال ۾ 24 ڪلاڪ ايمرجنسي سروس پڻ هوندي.
هن چيو ته هتان جي ماڻهن کي ايڪسري ۽ ٻين سهولتن لاءِ پري وڃڻو نه پوندو، منصوبي جي منظوري ڪرائڻ ۽ وفاقي حڪومت کان رقم وٺڻ آسان ناهي، اسپتال جي مئنيجمينٽ جي حوالي سان نجي شعبي کي آن بورڊ وٺندس. ڊسپينسرين جي توسيع جي منصوبن لاءِ وفاقي حڪومت کان 2 ارب 86 ڪروڙ رپين جا فنڊ حاصل ڪيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 10 لک ماڻهو هيپاٽائٽس سي جا مريض آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن جي اسڪريننگ ئي نه ٿي آهي، سنڌ ۾ 80 سيڪڙو ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب ناهي، ويم دوران 11 هزار مائرون فوت ٿي وڃن ٿيون، جڏهن ته سال ۾ 4 لک ٻارن جون فوتگيون ٿين ٿيون، هر ٽيون شخص شگر جو مريض آهي، پاڪستان جو شمار اڄ به پوليو متاثر ملڪن ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ته 68 سيڪڙو بيماريون گندو پاڻي پيئڻ سبب ٿين ٿيون.
وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪوٽا تي جعلي ڊوميسائل ٺاهي نوڪرين تي قبضو ڪيو ويندو آهي، شهري سنڌ جي ڪنهن هڪ نوجوان کي به سرڪاري نوڪري نه ڏني وئي.
هن چيو ته جڏهن ذميواري ملي ته عوام جي تڪليف گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪچي آبادي وارن علائقن ۽ ڪلفٽن، ڊفينس ۾ ماڻهو پاڻي خريد ڪري پي رهيا آهن، وزيرن ۽ آفيسرن جا ٽينڪر هلي رهيا آهن..
وفاقي وزير چيو ته 70 سالن کان نظام نوجوانن کي غدار بڻائي رهيو آهي، حالتن کان تنگ ٿي ماڻهو هٿيار کڻي جبلن تي وڃي ويٺا آهن، آئين ۾ صوبن ٺاهڻ جو طريقو لکيل آهي، صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه ڪفر ناهي، طريقيڪار تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. آئين ۾ 27 ترميمون ٿي چڪيون آهن، جنهن جو مطلب آهي ته آئين ۾ خاميون موجود هيون.

You might also like