اسلام آباد (ڊيسڪ ڊيسڪ) سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار انصار عباسي جو چوڻ آهي ته هڪ اهم ۽ باخبر ذريعي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لاءِ ڪنهن به قسم جي ”ڊيل يا ڍر“ جي امڪان، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير وچ ۾ اختلافن وارين رپورٽن کي قطعي طور رد ڪندي ٻنهي امڪانن کي ”ٻُڙي“ قرار ڏنو آهي.
سياسي ۽ حڪومتي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي گهري نظر رکندڙ ذريعي ٻنهي صورتن جي امڪان کي ”ٻُڙي“ قرار ڏنو، اهو بيان سپريم ڪورٽ طرفان عمران خان جي طبي علاج بابت حڪم کانپوءِ سامهون آيل اڳڪٿين جي پسمنظر ۾ جاري ڪيو ويو آهي.
اميد هئي ته عمران خان کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو ويندو، پر کيس شفا انٽرنيشنل بدران پمز اسپتال نيو ويو ۽ پوءِ اڊيالا جيل واپس منتقل ڪيو ويو.
ان اڳڀرائي کانپوءِ سياسي حلقن ۾ اهي اڳڪٿيون شروع ٿي ويون ته ڇا اهو معاملو پي ٽي آءِ باني لاءِ ڪنهن امڪاني ”ڊيل يا ڍر“ سان لاڳاپيل هو.
انصار عباسي موجب، ذريعي کان خاص طور پڇيو ويو ته ڇا عمران خان لاءِ ڪنهن ڊيل يا ڪنهن قسم جي ڍَر جو ڪو امڪان موجود آهي؟ ذريعي واضح لفظن ۾ جواب ڏنو: ”ٻُڙي“.
ذريعي کان وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير وچ ۾ اختلافن بابت رپورٽن ۽ اڳڪٿين بابت پڻ پڇيو ويو، جنهن تي جواب ساڳيو ”ٻُڙي“ هو.
ذريعي چيو ته پاڪستان ۾ ان قسم جا افواهه ڪا غيرمعمولي ڳالهه ڪونهي، جتي سياسي ۽ عسڪري قيادت بابت اڳڀرائي کي تاريخي طور سول حڪومت ۽ عسڪري اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ”ڊيل“، ”ڍَر“ يا ”اختلافن“ جي روايتي تناظر ۾ ڏٺو ويندو آهي.
ذريعي موجب، جڏهن به ڪا غيرمعمولي سياسي اڳڀرائي ٿيندي آهي ته ترت اڳڪٿيون شروع ٿي وينديون آهن ته پردي پٺيان ڪا ڊيل طئي ٿي رهي آهي يا سول حڪومت ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن.
ذريعي زور ڏنو ته موجوده سياسي ۽ ادارتي انتظام کي پاڪستان جي ماضي جي تناظر ۾ نه ڏسڻ گهرجي، اٽڪل ٽي کان چار سال اڳ ٺهندڙ سياسي انتظام جو حوالو ڏيندي ذريعي چيو ته شهباز شريف جي قيادت ۾ سول حڪومت ۽ عسڪري قيادت جو سفر ماضي ۾ ڏٺل طريقيڪار کان ”بلڪل مختلف“ آهي.
ذريعي اشارو ڏنو ته هن وقت گردش ڪندڙ ڪيتريون ئي رپورٽون زميني حقيقتن بدران ڪجهه ماڻهن جي خواهشن يا اميدن جي عڪاسي ڪن ٿيون. بهرحال، ذريعي موجوده حالتن ۾ ان تشريح کي رد ڪري ڇڏيو.
هن وقت ذريعي جو اهم پيغام اهو ئي آهي ته عمران خان لاءِ ڪا ڊيل يا ڍَر ناهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير وچ ۾ به ڪو اختلاف ناهي.
You might also like