بنگلاديش جو مڪي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ تي غور، ڀارت ڪشمير معاملي تي آڇ ڪري ڇڏي

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)بنگلاديش پنهنجي قومي مفادن ۽ عالمي معيشت توڙي واپار جي تبديل ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ٿيل مڪي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جي امڪان تي مثبت رويو ظاهر ڪيو آهي، جنهن سان ڍاڪا ۽ نئين دهلي وچ ۾ اڳ ئي جاري ڇڪتاڻ ۾ هڪ ٻيو اهم پاسو شامل ٿي ويو آهي.

بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار همايون ڪبير هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته بنگلاديش سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي تي ٻڌل ڪنهن به معاشي يا دفاعي فريم ورڪ ۾ شامل ٿيڻ جي امڪان بابت مثبت رويو رکي ٿو، تنهن هوندي به ان معاملي ۾ بنگلاديش پنهنجي قومي مفادن، عالمي معيشت ۽ واپار جي تبديل ٿيندڙ صورتحال کي بنيادي اهميت ڏيندو.

همايون ڪبير بنگلاديش ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ سفارتي ۽ واپاري ويجهڙائپ بابت ڳالهائيندي چيو ته ڍاڪا اسلام آباد سان خاص طور واپار ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط ڪري رهيو آهي ۽ ان کي معمول جي سفارتي سرگرمي قرار ڏنو.

ٻئي پاسي ڪجهه ذريعن طرفان اهو دعويٰ پڻ سامهون آيو آهي ته ڀارت مبينا طور بنگلاديش کي اهو پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڍاڪا مڪي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿئي ٿو ته کيس ڪشمير جي معاملي تي ڀارت خلاف يا ڀارتي مفادن جي ابتڙ آواز نه اٿارڻ گهرجي.

ذريعن موجب ان جي بدلي ۾ ڀارت برڪس ۾ بنگلاديش جي شموليت جي حمايت ڪرڻ ۽ دريائي پاڻي جي تڪرارن جي حل ۾ سهڪار ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪري سگهي ٿو.

تنهن هوندي به انهن دعوائن جي آزاداڻي طور تصديق نه ٿي سگهي آهي.

You might also like