اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ خان پريس ڪانفرنس دوران عمران خان کي مبينا طور اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ سندس طبي معائني بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته کيس هڪ پوليس ڪار ذريعي آندو ويو، جڏهن ته وچ ۾ هڪ لينڊ ڪروزر به موجود هئي. رستي ۾ جڏهن هڪ هنڌ اوندهه ٿي ته هن پڇيو ته هي ڪهڙي جاءِ آهي، جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته اها پمز اسپتال آهي.
عظميٰ خان موجب کيس پوليس ڪار ۾ ئي ويهاري رکيو ويو ۽ وٽس فون به موجود نه هو. پمز اسپتال وٺي ويندي وقت کيس ٻڌايو ويو ته عمران خان کي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
هن ٻڌايو ته هڪ پوليس ڪار اڳيان هئي، جڏهن ته گاڏين جي وچ ۾ لينڊ ڪروزر موجود هئي. جڏهن اهي اوندهه ۾ هڪ هنڌ کان گذريا ته کيس ٻڌايو ويو ته هو پمز اسپتال پهچي چڪا آهن، جتي هن اوندهه ۾ هڪ ڪنڊ ۾ ڪجهه ماڻهن کي بيٺل ڏٺو.
عظميٰ خان موجب عمران خان جو طبي معائنو بظاهر رڳو اکين جي چڪاس ۽ بلڊ پريشر ماپڻ تائين محدود رهيو، جڏهن ته سندس رت جا ٽيسٽ يا وڌيڪ طبي جاچ نه ڪئي وئي.
هن پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته هن پنهنجي ڀاءُ عمران خان کي چيو هو ته پهريان سندس طبي معائنو ڪرايو ويندو ۽ ان کانپوءِ کيس شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو ويندو. ان ڳالهه تي عمران خان خوش ٿيو هو ته اتي سندس بهتر علاج ٿي سگهندو.
عظميٰ خان موجب عمران خان کيس ٻڌايو ته کيس تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ گذريل 10 مهينن کان کيس ٽي وي پڻ فراهم نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سندس مٿي ۾ ڪجهه ٿيڻ لڳو آهي.
هن ٻڌايو ته عمران خان لڳاتار ڊاڪٽرن کي چوندو رهيو آهي ته سندس ڳالهه ڪو به نٿو ٻڌي. عمران خان اهو پڻ ٻڌايو ته 10 تاريخ تي ايندڙ ڊاڪٽرن چيو هو ته اڪيلائي ۾ قيد رکڻ سبب سندس بلڊ پريشر متاثر ٿي رهيو آهي.
عظميٰ خان جو چوڻ هو ته عمران خان لڳاتار اها ئي ڳالهه ورجائيندو رهيو ته ساڻس ظلم ڪيو پيو وڃي ۽ کيس تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪنهن به انسان کي سندس سامهون اچڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ٿي ۽ اخبار به بند ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته هن پنهنجي ڀاءُ کي ٻڌايو هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي ۽ کيس شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو ويندو، جتي سندس مڪمل طبي معائنو ۽ علاج ٿي سگهندو.