عالمي پاليسي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته چين ۽ روس طرفان ايران کي معاشي ۽ دفاعي سهڪار فراهم ڪرڻ سبب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ايران کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ وارو نئون منصوبو ناڪام ٿي سگهي ٿو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران کي مالي ۽ معاشي سهارو فراهم ڪندڙ ملڪن خلاف ڪارروائي جا اعلان ڪيا ويا آهن، پر معاشي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته چين ۽ روس تهران کي اڪيلو ڪرڻ جي آمريڪي ڪوششن کي ناڪام بڻائي سگهن ٿا.
جارج ٽائون يونيورسٽي قطر جي پروفيسر پال مسگرو جو تجزيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جنهن قسم جون سخت پابنديون هڪ طرفي طور لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ اهڙيون پابنديون سڀني وڏين طاقتن، يعني گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر ملڪن جي رضامندي سان لاڳو ٿينديون هيون. چين ۽ روس کي گڏ رکڻ کانسواءِ اهڙين هڪ طرفي پابندين کي ڪامياب بڻائڻ انتهائي ڏکيو آهي.
تجزياتي رپورٽن موجب روس اڳ ئي آمريڪي پابندين کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ روسي معيشت جو وڏو حصو آمريڪي مالياتي نظام کان ٻاهر هلي رهيو آهي.
جنوري 2025ع ۾ روس ۽ ايران وچ ۾ 20 سالن جي معاهدي تي صحيحون ٿيون هيون، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جو حجم 4.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو.
ان کانسواءِ ميڊيا رپورٽن موجب روس ڪئسپين سمنڊ جي رستي ايران کي ڊرونز جا پرزا، بارود ۽ فوجي سامان فراهم ڪري رهيو آهي.
ٻئي پاسي چين 2025ع دوران ايران جو 80 سيڪڙو تيل خريد ڪيو آهي. چين جون اڪثر آئل ريفائنريون آزاد حيثيت رکن ٿيون ۽ اهي آمريڪي بئنڪنگ نظام استعمال نٿيون ڪن، جنهن سبب آمريڪا لاءِ انهن تي سڌو سنئون اثرانداز ٿيڻ ڏکيو آهي.
ايران برڪس تنظيم ۽ ان سان لاڳاپيل خانگي بئنڪن جو استعمال پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد آمريڪي ڊالر تي گهٽ ڀاڙڻ ۽ قومي ڪرنسين ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ آهي.
اسٽريٽجڪ ٿنڪ ٽينڪ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايراني حڪومت نوان مالي رستا ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، جڏهن ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهڙي معاشي جنگ ۾ ڦاسي ويا آهن، جنهن کي هاڻي سندن لاءِ کٽڻ ممڪن نظر نٿو اچي.