بابر فليٽ پچن جو مطالبو نه پر ٽرننگ وڪيٽن جي گُهر ڪئي هئي، محمد وسيم عروج ممتاز جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو آهي ته بابر اعظم ڪڏهن به فليٽ (سڌين) پچن جي گهر نه ڪئي هئي، مان ان وقت سسٽم جو حصو هئس. بابر ۽ هيڊ ڪوچ ٽرننگ وڪيٽون چاهين پيا.
هڪ بيان ۾ اڳوڻي چيف سليڪٽر چيو ته بابر اعظم ڪجهه ميٽنگن ۾ ٽرننگ ٽريڪس جو مطالبو ڪيو هو.
هن چيو ته پي سي بي جو هيڊ ڪيوريٽر آغا زاهد ٽرننگ پچون تيار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن جي بدران پچن جون سطحون وڌيڪ فليٽ ٿي ويون. فليٽ پچن جو ذميوار بابر اعظم نه، پر پچ ڪيوريٽر هو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وومين ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽيٽر عروج ممتاز قومي ڪپتان بابر اعظم بابت چيو هو ته جڏهن بابر اعظم کي پهريون ڀيرو ڪپتان بڻايو ويو هو ته هو هوم سيريزن ۾ فليٽ پچن جو خواهشمند هو.
عروج ممتاز موجب، بابر اعظم پنهنجي ڪپتاني واري پهرئين دور ۾ هوم سيريزن لاءِ فليٽ پچن جو خواهشمند هو. هن دعويٰ ڪئي ته بابر چاهيندو هو ته اهڙيون وڪيٽون تيار ڪيون وڃن، جن تي بيٽر وڌيڪ حاوي رهن، انڪري فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ به وڪيٽن تان گاهه هٽايو ويندو هو.
هن اِهو به چيو هو ته فليٽ پچن سبب فاسٽ بالر دٻاءَ ۾ اچي ويندا هئا، پچن مان تيز بالرن کي ڪا به مدد نه ملندي هئي ۽ بيٽرن کي وڏيون اننگز کيڏڻ جا وڌيڪ موقعا ملندا هئا.

 

You might also like