پينشنرن لاءِ خوشخبري، نادرا وڏي سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) پينشنرن لاءِ پروف آف لائف سرٽيفڪيٽ مفت ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ ان جي حصول لاءِ سهولت مرڪزن ۽ ذريعن ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.
نادرا موجب، پينشنرن لاءِ سڀ کان آسان طريقو پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ آهي، جنهن ذريعي اهل پينشنر گهر ويٺي ڊجيٽل طريقي سان پروف آف لائف سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن پينشنر پاڻ اهو عمل مڪمل نه ڪري سگهي ته سندس ويجهو خانداني فرد به پنهنجي پاڪ آءِ ڊي اڪائونٽ ذريعي اهو عمل مڪمل ڪري سگهي ٿو.
نادرا موجب، ملڪ ۾ 5 هزار کان وڌيڪ اي سهولت فرنچائزز، 988 کان وڌيڪ نادرا رجسٽريشن سينٽرز ۽ 500 يونين ڪائونسلز ۾ به اها سهولت مفت فراهم ڪئي ويندي، پينشنرن کي انهن مرڪزن تي ترجيحي بنيادن تي سهولت ڏني ويندي.
نادرا جو چوڻ آهي ته جيڪي پينشنر ڪنهن سروس پوائنٽ تائين پهچي نٿا سگهن، اهي موبائل رجسٽريشن وينز ۽ بائيڪر سروسز ذريعي به فائدو وٺي سگهندا.
نادرا موجب، پينشنرن لاءِ سهولت کي وڌيڪ سولو بڻائڻ لاءِ نيشنل پينشنرز رجسٽر پڻ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي پينشنرن جي سڃاڻپ ۽ زندگي جي حيثيت جي تصديق لاءِ ڊجيٽل رڪارڊ فراهم ڪيو ويندو.
نادرا جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل بئنڪ به نيشنل پينشنرز رجسٽر ذريعي پينشنر جي پروف آف لائف اسٽيٽس جي سڌي ريت تصديق ڪري سگهندا، جنهن سان بار بار ڪاغذي دستاويزن ۽ ذاتي تصديق جي ضرورت گهٽجي ويندي.

 

You might also like