لاڙڪاڻو: سنڌ جي ورهاڱي خلاف ريلي تي پوليس جو ڪريڪ ڊائون، سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن سميت ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ورهاڱي، معدني وسيلن ۽ زمينن تي قبضن خلاف ريلي ۽ جاڳرتا مهم ڪڍڻ تي لاڙڪاڻي پوليس عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻي جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، لاڙڪاڻي ضلعي جي صدر علي حسن وڪو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر اعتزاز گائينچو ۽ علي محمد وڪو سميت ٻين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو.
سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن ماح نور ملاح، ثمرين خاصخيلي، پرهه نور ۽ ٻين ڪارڪنن کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like